6 سيپٽمبر جو ڏينهن فخر، جرئت ۽ پختي عزم جي علامت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن فخر، جرئت ۽ پختي عزم جي علامت آهي، 1965ع ۾ پاڪ فوج ۽ عوام وڏي دشمن قوت آڏو بيهي ويا. يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ عوام اتحاد ۽ يڪجهتي سان ۽ هٿياربند فوج عزم ۽ بهادري سان فتح کي يقيني …

اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن فخر، جرئت ۽ پختي عزم جي علامت آهي، 1965ع ۾ پاڪ فوج ۽ عوام وڏي دشمن قوت آڏو بيهي ويا. يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ عوام اتحاد ۽ يڪجهتي سان ۽ هٿياربند فوج عزم ۽ بهادري سان فتح کي يقيني بڻايو. اڄ اسان کي اتحاد، استقامت ۽ قومي يڪجهتي جي عهد کي تازو ڪرڻو پوندو. اسان سڀ متحد ٿي قوم لاءِ هڪ روشن مستقبل يقيني بڻائي سگهون ٿا. 1965ع جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون. هن جنگ جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت ۽ پيش ڪريون ٿا.