اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ تحت خطي ۾ امن، معاشي رابطي ۽ گهڻ رخي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي عزم تي سختي سان قائم آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف تازي چين جي دوري دوران 31 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين تيانجن ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او …
پاڪستان ايس سي او فريم ورڪ تحت خطي ۾ امن، معاشي رابطي ۽ گهڻ رخي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي عزم تي قائم آهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ تحت خطي ۾ امن، معاشي رابطي ۽ گهڻ رخي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي عزم تي سختي سان قائم آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف تازي چين جي دوري دوران 31 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين تيانجن ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او سي ايڇ ايس پلس اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي دوري دوران ايس سي او ميمبر ملڪن ۽ خطي جي اهم اڳواڻن سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي عرصي کان جاري تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع ۽ ٺوس مڪالمي جي ضرورت تي زور ڏنو، هر قسم جي دهشتگردي، بشمول رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي سختي سان مذمت ڪئي جڏهن ته جعفر ايڪسپريس سانحي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تازي دهشتگردي جي واقعن ۾ غيرملڪ جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت پيش ڪيا، غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائي جي سختي سان مذمت ڪندي ان کي ”غيرانساني“ قرار ڏنو ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو، ايس سي او ميمبر ملڪ ايران تي تازي حملي جي پڻ مذمت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري جا تفصيل شيئر ڪيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فورم تي خطاب ڪندي افغانستان سان ڪارائتي مصروفيتن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام پوري ايس سي او خطي جي ترقي کي ڪمزور ڪري ٿو، وزيراعظم علائقائي رابطي ۽ معاشي انضام جي اهميت پڻ اجاگر ڪئي ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ کي ايس سي او جي لاءِ واپار ۽ ٽرانزٽ حب جي طور تي امڪاني مرڪز جي طور تي پيش ڪيو. هن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) تحت علائقائي انضمام جو بنياد قرار ڏنو. ترجمان چيو ته وزيراعظم اجلاس جي موقعي تي چين، روس، ترڪيه، ايران، آذربائيجان ۽ تاجڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، معاشي، واپاري، توانائي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي آرمينيا سان تاريخي امن معاهدي تي صحيحن تي مبارڪباد ڏني جنهن کي ڏکڻ قفقاز ۾ امن طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. صدر شي جن پنگ سان پنهنجي ملاقات ۾ وزيراعظم چين جي علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جي توثيق ڪئي ۽ معاشي ترقي ۾ ان جي ڪاميابين کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني وزيراعظم لي ڪيانگ سان ڳالهه ٻولهه ۾ اڀرندڙ شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ صدر شي جن پنگ جي گهڻ رخي قدمن، بشمول عالمي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي قدمن جي حمايت تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم پاڪستان چين بزنس ٽو بزنس (بي ٽو بي) سيڙپڪاري ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو جنهن ۾ 800 کان وڌيڪ ڪمپنين شرڪت ڪئي جتي هن زراعت، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل ۽ صنعتي ترقي کي مستقبل جي تعاون جي لاءِ اهم شعبن جي طور تي نشاندهي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي فتح جي 80هين سالگرهه جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جتي هن ٻين عالمي اڳواڻن سان گڏجي ٻي عالمي جنگ ۾ فتح جو جشن ملهايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻين سفارتي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آرمينيا نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آرمينيا جي پرڏيهي وزير آرارات ميرزويان جي وچ ۾ ملاقات دوران باقاعده طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو اظهار ڪيو ۽ معيشت، تعليم، سياحت ۽ ثقافت ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اعليٰ سطحي مٽاسٽا جا وڌيڪ تفصيل شيئر ڪيا. سينيٽر اسحاق ڊار جرمني ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهين تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ موسمياتي ڪارروائي، تعمير ۽ پائيدار بحالي تي ڌيان ڏنو ويو جڏهن ته يورپي يونين پاڪستان جي امدادي ڪوششن جي حمايت جي توثيق ڪئي. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ تازي زلزلي کانپوءِ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران تعاون جي آڇ جو ورجاءُ ڪيو. سائنسي ترقي کي اجاگر ڪندي ترجمان شفقت علي خان چيو ته يورپين ڪائونسل فار نيوڪليئر ريسرچ (سرن) جي هڪ اعليٰ سطحي وفد 28 – 24 آگسٽ تائين پاڪستان جو دورو ڪيو ته جيئن ايسوسيئيٽ ميمبر جي طور تي پاڪستان جي ڪردار جو جائزو وٺي سگهجي. وفد پاڪستان ائٽمي توانائي ڪميشن (پي اي سي سي) جي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف سائنسي ادارن جو دورو ڪيو. غزه ۾ تازي صورتحال بابت ڳالهه ڪندي پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان، خان يونس جي ناصر اسپتال تي اسرائيلي فضائي حملي جي مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 21 ماڻهو مارجي ويا جن ۾ چار صحافي ۽ هڪ ريسڪيو ورڪر شامل هو. هن ان حملي کي عالمي انساني قانون ۽ انساني حقن جي قانونن جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو ۽ فوري جوابدهي جو مطالبو ڪيو. هن شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها خطي ۾ اسرائيل پاران وڌيڪ جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي.












