سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران عورت يونيورسٽي ملتان ۾ سيرت النبيﷺ ڪانفرنس کي خطاب

ملتان-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سيرت النبيﷺ تي عمل ڪري حقيقي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجا ويڇا وِساري مشڪل وقت ۾ ٻوڏ سٽيل عوام جي مدد ڪن. پاڪستان حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏني. اهڙو اظهار هن وومين يونيورسٽي ملتان ۾ سيرت ڪانفرنسﷺ ۽ يومِ دفاع جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي …

ملتان-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سيرت النبيﷺ تي عمل ڪري حقيقي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجا ويڇا وِساري مشڪل وقت ۾ ٻوڏ سٽيل عوام جي مدد ڪن. پاڪستان حق جي ويڙهه ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏني. اهڙو اظهار هن وومين يونيورسٽي ملتان ۾ سيرت ڪانفرنسﷺ ۽ يومِ دفاع جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سرنديءَ وارا اڳتي وڌن ۽ ٻوڏ متاثر عوام جي درپيش مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ دل کولي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن انڪشاف ڪيو ته ايندڙ 24 ڪلاڪ ملتان ۽ مظفر ڳڙهه لاءِ ٻوڏ جي حوالي سان انتهائي اهم آهن. هن چيو ته اسان کي نبي ڪريمﷺ جن جو 1500هين ولادت وارو ڏهاڙو ملهائيندي ٻوڏ سٽيلن کي وِسارڻ نه گهرجي، جنهن لاءِ ويجهڙ ۾ سينيٽ متفقه طور هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي. ان ڏينهن کي رياستي سطح تي ملهايو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، اسان جي سرزمين تي ڀارتي حملا ۽ ڪوڙن الزامن کانپوءِ مئي ۾ حق جي ويڙهه ۾ اسان جي هٿياربند فوج سميت فضائيه ۽ سامونڊي فوج قومي اتحاد ۽ بهادريءَ سان وطن جو دفاع ڪيو. پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ جي حيثيت سان پهرين صبر کان ڪم ورتو ۽ بعد ۾ نه وسرندڙ طاقت سان جواب ڏنو. ڀارتي حملي کانپوءِ اسان جي ملڪ تاريخي ڪاميابي ماڻي آهي. پاڪستان چيني نعري تي عمل ڪيو ته گهٽ ڳالهايو ۽ پورو جواب ڏيو. هن چيو ته جڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي چئلينج ڪرڻ کانپوءِ حملو ڪيو ته ان وقت ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هاڻوڪي جنگ ۾ ثابت ڪيو ته اسان هڪ ذميدار ايٽمي ملڪ آهيون. ميڊيا جي مثبت رپورٽنگ کي ساراهيندي هن چيو ته ڀارت سان هاڻوڪي جنگ دوران پاڪستان جو تمام ذميوراڻو ۽ مثبت ڪردار هو. جشنِ عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته انجمنِ اسلاميه ملتان اڄ 6 سيپٽمبر تي پنهنجون 100 ساله تقريبون مڪمل ڪندي، اسان جيڪڏهن نبي ڪريمﷺ جي سيرت ۽ تعليم تي عمل ڪريون ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا اسلاموفوبيا جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ مسلمانن کي انتهاپسند ۽ دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته اسان جو مذهب اسلام ڀائيچاري، تحمل ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو، اسلام برابريءَ جي حقن جي تلقين ڪري ٿو ۽ اقليتن کي وڌ کان وڌ حق ڏئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ مثبت سوچ ۽ سرگرميون ڪن. سينيٽ چيئرمين ايمرسن ڪاليج ملتان جي تاريخ کي ياد ڪندي چيو ته سندس والد سيد علمدار گيلاني 1941ع ۾ ان ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي جنهن کانپوءِ مون ان کي وومين گورنمينٽ ڪاليج ۾ تبديل ڪيو ۽ هاڻ اُتي عورتون تعليم پرائي رهيون آهن. هن تقريب جي بندوبست ڪرڻ تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلثوم پراچا ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. وائيس چانسلر چيو ته سينيٽ چيئرمين جي آمد ۽ ان جو خطاب ۽ سندس نصيحتن کانپوءِ ملڪ جي فلاح بهبود لاءِ وڌيڪ محنت ڪنداسين.