قصور-05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دؤرو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جا مسئلا ٻُڌڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ماضيءَ وانگر هن ڀيري به ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. ماضيءَ ۾ شهباز شريف جي حڪومت هئي، جنهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرن جي تمام گهڻي …
وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ماضيءَ وانگر هن ڀيري به ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي: بلاول ڀٽو زرداري
قصور-05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ستلج درياهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دؤرو ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جا مسئلا ٻُڌڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ماضيءَ وانگر هن ڀيري به ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. ماضيءَ ۾ شهباز شريف جي حڪومت هئي، جنهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرن جي تمام گهڻي مدد ڪئي وئي. پنجاب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز شريف ٻوڏ متاثرن جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پ پ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن سان گڏ آهي، مان هتي ٻوڏ متاثرن جا مسئلا ٻُڌڻ آيو آهيان ۽ اوهان کي خاطري ڪرايان ٿو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان اوهان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم کان مطالبو ڪندي چيو ته اڳ وانگر هاڻ به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرن جي فوري مالي مدد ڪئي وڃي ۽ رليف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته آبادگار اسان جي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. پنجاب ۾ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان آبادگارن جو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي کي قبول ڪرڻو پوندو يا اسان جا درياهه واپس ڪرڻا پوندا. عالمي سطح تي سنڌ طاس معاهدي تي آواز اُٿاري رهيا آهيون. ڀارتي آبي اڳڀرائيءَ سبب ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ڀارت انسانيت کي وساري ويٺو آهي ۽ درياهن ۾ پاڻي ڇڏيو آهي، جن جي تباهين سبب ڪافي نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو. اسان متحد ٿي پنجاب جي عوام جي مدد ۽ هن آفت جو مقابلو ڪنداسين. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن لاءِ لڳايل ڪيمپن تلوار پوسٽ جو به دؤرو ڪيو جتي ڊي سي قصور کيس بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو تلوار پوسٽ تي متاثرن جي ڪيمپن جو دؤرو ڪيو ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون.












