گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪوهاٽ ۾ فتنه الخوارج جي 2 دهشتگردن کي مارڻ تي ڪي پي ڪي پوليس کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪوهاٽ جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي 2 دهشتگردن کي مارڻ تي ڪي پي ڪي پوليس کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي پوليس وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. پوليس بهادريءَ سان خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن جي ناپاڪ اِرادن …

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪوهاٽ جي علائقي ۾ فتنه الخوارج جي 2 دهشتگردن کي مارڻ تي ڪي پي ڪي پوليس کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي پوليس وقت سر ڪارروائي ڪري خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. پوليس بهادريءَ سان خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ سب انسپيڪٽر طاهر نواز ۽ سپاهي محمدعلي کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيد سب انسپيڪٽر طاهر نواز ۽ سپاهي محمدعلي جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. ڪي پي ڪي پوليس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي آهي ۽ ڪي پي ڪي پوليس جي بهادر پُٽن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن.