اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ (اڄ) کان 9 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ (اڄ) کان 9 سيپٽمبر تائين برساتون شروع ٿينديون …
اين ڊي ايم اي طرفان سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ (اڄ) کان 9 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو الرٽ جاري
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ (اڄ) کان 9 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ (اڄ) کان 9 سيپٽمبر تائين برساتون شروع ٿينديون جيڪي وقفي وقفي سان جاري رهنديون. برساتن سبب ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، ٿرپارڪر، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، سجاول، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ 7 کان 9 سيپٽمبر دوران شهري علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. ٿرپارڪر ۾ مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڏاهلي، ڏيپلو، ڪلوئي، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽو، بدين، سجاول، ڄامشورو، دادو، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ برساتن سبب ندي نالن ۾ اوچتي ٻوڏ جو خطرو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، شهيد بينظير آباد، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ٻين هيٺاهين وارا علائقائي پاڻيءَ هيٺ اچي سگهن ٿا. اين ڊي ايم اي جي هدايت تي صوبائي کاتا ۽ـ ريسڪيو ادارا الرٽ آهن. هيٺاهين وارن علائقن جا رهواسي حفاظتي انتظام مڪمل رکن، هيٺاهين وارن علائقن ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. مقامي انتظاميه جي هدايت تي عمل ڪن.












