اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي لاءِ پاڪستاني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان فلسطين جي ڀائر عوام جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت ۽ غزه جي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان پيدا ڪيل هٿرادو ڏڪار جي شڪار عوام جي لاءِ امداد جي فراهمي جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطيني صدر جي مذهبي معاملن واري …
وزيراعظم سان فلسطيني صدر جي مذهبي معاملن واري صلاحڪار ۽ شرعي عدالت جي چيف جسٽس جي قيادت ۾ فلسطيني وفد جي ملاقات
اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي لاءِ پاڪستاني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان فلسطين جي ڀائر عوام جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت ۽ غزه جي اسرائيلي قابض فوج جي هٿان پيدا ڪيل هٿرادو ڏڪار جي شڪار عوام جي لاءِ امداد جي فراهمي جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطيني صدر جي مذهبي معاملن واري صلاحڪار ۽ شرعي عدالت جي چيف جسٽس محمود صديقي الهباش سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. محمود صديقي اسلام آباد ۾ منعقد سيرت ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ فلسطيني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مسجد اقصيٰ جو امام احمد حسين ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جو سفير پڻ موجود هئا. وزيراعظم ملاقات دوران فلسطين جي صدر ڊاڪٽر محمود عباس جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ فلسطين جي لاءِ پاڪستاني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو ته پاڪستان فلسطين جي ڀائر عوام جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جاري رکندو جنهن بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن ۽ بهادري سان اسرائيلي جارحيت کي منهن ڏئي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته هو هر سفارتي فورم تي فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ پوري قوت سان آواز اٿاريندو رهندو. غزه جي انساني صورتحال تي وزيراعظم فلسطيني وفد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان غزه جي ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي جاري رکندو جيڪا اسرائيلي قابض فوج جي هٿان انساني ساخته ڏڪار جو شڪار آهي. فلسطيني صدر جي صلاحڪار مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي فلسطين جي حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان ۽ فلسطين جي عوام جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي رشتن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ انهن جي لاءِ سگهه جو سبب آهي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ صدر محمود عباس پاران هڪ خط پڻ وزيراعظم کي ڏنو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ملاقات ۾ وزيراعظم جي معاونت ڪئي.












