وزيراعظم پاران متاثر علائقن مان عوام جي وقت سر انخلا ۽ امدادي سرگرمين جي هر لمحي جي نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف متاثر علائقن مان عوام جي وقت سر انخلا ۽ امدادي سرگرمين جي هر لمحي جي نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي بحالي حڪومت جي ترجيح آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ …

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف متاثر علائقن مان عوام جي وقت سر انخلا ۽ امدادي سرگرمين جي هر لمحي جي نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي بحالي حڪومت جي ترجيح آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي بحالي حڪومت جي ترجيح آهي. هن هدايت ڪئي ته ملڪ جي ڏاکڻي حصن ۾ دريائن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري تياري يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي هر قسم جي مدد جي لاءِ هر وقت تيار آهي. هن متاثر علائقن مان وقت سر انخلا ۽ امدادي سرگرمين جي هر لمحي جي نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي تائين وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم جاري رکندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙا متاثر جيڪي نادرا وٽ رجسٽرڊ نه آهن، انهن تائين مالي مدد پهچائڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. هن موسمياتي تبديلي واري وزارت کي ايندڙ سالن جي سانوڻي جي لاءِ هينئر کان ئي تياري ڪرڻ ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن بشمول تيز برساتن ۽ ٻوڏ کان بچائڻ ۽ انهن جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻن هفتن ۾ هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، پاڪ فوج ۽ ريسڪيو ۽ ريليف جي وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ ڪاررواين کي ساراهيو. اجلاس کي متاثر علائقن ۾ ٿيندڙ نقصانن ۽ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين سان گڏوگڏ ٻوڏ ريلي جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سانوڻي جو آخري اسپيل ختم ٿيڻ کانپوءِ متاثرين جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. هن وقت سمورا وسيلا ۽ افرادي قوت ريسڪيو، ريليف ۽ انخلا ۾ مصروف آهي. ٻوڏ ريلي جي صورتحال بابت ٻڌايو ويو ته راويءَ درياءَ، ستلج ۽ چناب دريائن ۾ ٻوڏ ريلو هن وقت وچ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ پهچي چڪو آهي جيڪو جلد پنجند مان گذرندو. پنجند تي 10 کان 12 لک ڪيوسڪ ريلي کان بچاءُ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ ريلي جو اصل مقدار اميد کان گهٽ 6 لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ هوندو. ملتان ۾ هن وقت انتظاميا، پاڪ فوج ۽ ريسڪيو ادارا ٻوڏ ريلي کي بنا ڪنهن بند ٽوڙڻ جي گذارڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ مڪمل تياري سان مصروف آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي اترئين ۽ وچولي علائقن ۾ بجلي جي متاثر نظام مان 80 سيڪڙو کي بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته متاثر پُلين ۽ رستن کي رابطي جي بحالي جي لاءِ مرمت ڪري ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي پوري ملڪ ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي وقت سر لڏپلاڻ کي يقيني بڻايو ويو جڏهن ته ٻوڏ کان متاثر علائقن مان 4100 کان وڌيڪ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ويو. وفاقي حڪومت پاران متاثرين جي لاءِ 6300 ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان پهچايو ويو. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته متاثرين کي طبي امداد فراهم جي لاءِ 2400 کان وڌيڪ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن ۽ مالي نقصانن جي حوالي سان وفاقي حڪومت پاران مالي مدد جي فراهمي ترجيحي بنيادن تي نادرا جي ذريعي مڪمل ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين پڻ پنهنجي پنهنجي صوبن جي حوالي سان جائزو پيش ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي وفاقي حڪومت پاران هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، اين ڊي ايم اي چيئرمين، نادرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. گلگلت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.