وفاقي ڪابينا پاران صدر کي 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏينهن جي مناسبت سان قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جي سفارش

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر پاڪستان کي پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏينهن جي مناسبت سان قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مختلف ڏوهن تحت جيلن ۾ قيد قيدين جي سزائن ۾ 100 ڏينهن جي گهٽتائي جي سفارش ڪئي آهي. اها سفارش سزائن ۾ گهٽتائي …

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر پاڪستان کي پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏينهن جي مناسبت سان قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مختلف ڏوهن تحت جيلن ۾ قيد قيدين جي سزائن ۾ 100 ڏينهن جي گهٽتائي جي سفارش ڪئي آهي. اها سفارش سزائن ۾ گهٽتائي جي اسپيشل ريميشن پاليسي 2025ع تحت تجويز ڪئي وئي آهي.