اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي جشنِ عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي پوري مسلم اُمت کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ولادت باسعادت هڪ عظيم الشان ۽ پُرمسرت ڏينهن آهي جيڪو نه صرف رحمت ۽ برڪت جو پيغام آڻي ٿو پر اسان کي اهو عهد ڪرڻ جو موقعو پڻ ڏئي ٿو ته اسان پنهنجي انفرادي ۽ …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران جشنِ عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي پوري مسلم اُمت کي مبارڪون
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي جشنِ عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي پوري مسلم اُمت کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ولادت باسعادت هڪ عظيم الشان ۽ پُرمسرت ڏينهن آهي جيڪو نه صرف رحمت ۽ برڪت جو پيغام آڻي ٿو پر اسان کي اهو عهد ڪرڻ جو موقعو پڻ ڏئي ٿو ته اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي نبي ڪريمﷺ جي سيرت ۽ تعليم مطابق اختيار ڪريون. جشنِ عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته حضرت محمدﷺ جي ذات اقدس انسانذات لاءِ سراپا رحمت ۽ مڪمل هدايت آهي. نبي ڪريمﷺ صبر، برداشت، عاجزي، عدل، رواداري، محبت، ڀائيچاري ۽ امن جو درس ڏنو، اڄ مسلم اُمت کي جيڪي مسئلا ۽ چئلينجز درپيش آهن انهن جو حل به ان وقت ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي سونهري اصولن کي اختيار ڪريون. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته عيد ميلادالنبيﷺ اسان کي اهو سبق پڻ ڏئي ٿي ته اسان پنهنجا ويڇا وِساري اتحاد ۽ يڪجهتيءَ کي هٿي ڏيون، نفرتون ختم ڪريون ۽ معاشري کي امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻايون. اهوئي اهو رستو آهي جيڪو اسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي عطا ڪري سگهي ٿو. سينيٽ چيئرمين زور ڀريو ته اسان کي ان بابرڪت موقعي تي غريبن، يتيمن، بي سهارا ۽ حقدار ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي ۽ انهن جي مدد کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته نبي ڪريمﷺ جي پوري زندگي انسانيت جي خدمت جي عظيم پيغام سان عبارت آهي جنهن کي اختيار ڪرڻ اڄ جي دؤر جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. هن چيو ته نئين نسل کي به سيرت النبيﷺ کان سٺيءَ طرح روشناس ڪرائڻ اسان جي ذميداري آهي ته جيئن هو اعليٰ اخلاق، ديانتداري ۽ قربانيءَ جي جذبي کي اختيار ڪن ۽ مستقبل ۾ ملڪ ۽ قوم لاءِ قيمتي اثاثو بڻجي سگهن. ان موقعي تي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسان کي پنهنجي اجتماعي عدل ۽ انصاف واري نظام، مساوات ۽ اخوت جي اصولن کي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن هڪ خوشحال ۽ پُرامن معاشرو جوڙي سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي سيرت النبيﷺ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ، پاڪستان کي امن ۽ خوشحاليءَ جو گهوارو بڻائي ۽ پوري مسلمان اُمت کي هر فتني ۽ آزمائش کان محفوظ رکي. هن خاص ڪري فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام لاءِ به دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ کين آزاديءَ جي نعمت سان نوازي.












