اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي لعنت کان نڪرڻ جو رستو قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد آهي. اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهر ريڊ زون ۾ احتجاج ڪندڙن کي ڪجهه ماڻهو سياسي ۽ پبلسٽي جي مقصد لاءِ استعمال ڪن ٿا، اسان ساڻن ڳالهين ذريعي سندن مسئلو حل ڪرڻ چاهيون ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعي تي …
بلوچستان جي سياسي قيادت سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيون: طلال چوڌري
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي لعنت کان نڪرڻ جو رستو قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد آهي. اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهر ريڊ زون ۾ احتجاج ڪندڙن کي ڪجهه ماڻهو سياسي ۽ پبلسٽي جي مقصد لاءِ استعمال ڪن ٿا، اسان ساڻن ڳالهين ذريعي سندن مسئلو حل ڪرڻ چاهيون ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعي تي جاري بحث کي سهيڙيندي مملڪتي وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهو بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ٻوڏ تي ايوان ۾ ڳالهه ٿي آهي. ٻوڏ جي حوالي سان قدمن کان قانون واري وزير کي آگاهه ڪنداسين. هن ٻُڌايو ته اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان احتجاج ڪيو پيو وڃي، هي احتجاج ڪندڙ اسان جون نياڻيون آهن ۽ هڪ اهم روڊ تي احتجاج ڪري رهيون آهن. ريڊ زون تي احتجاج نه ڪرڻ جا عدالت جا حڪم ۽ ان حوالي سان قانون باوجود انهن کي مڪمل سيڪيورٽي ۽ تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. انتظاميه جا عملدار انهن سان رابطي ۾ آهن، مختلف قومي سطح جا اينڪرز، گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان سرگرم اڳواڻ آمنه جنجوعه به انهن وٽ وئي. هن چيو ته اسان انهن سان ڳالهين ذريعي سندن مسئلي جو حل چاهيون ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان کي سياسي ۽ پبلسٽي جي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. اسان ساڻن ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ جماعت اسلامي جي لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن سان گڏ ويهي انهن جي مسئلي جو حل ڪڍيو. طلال چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو گم آهن، حڪومت ان تي زيرو ٽالررنس رکي ٿي. هن چيو ته اسان بلوچستان جي سياسي قيادت سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته بلوچستان ۾ هڪ سياسي پارٽي جي جلسي لاءِ هاڪي اسٽيڊيم جي سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ڏني وئي هئي، ان تي عمل ڪرڻ گهرجي ها. سياسي اجتماع، بسن سميت عوامي هنڌن تي حملا دهشتگردن جا آسان هدف هوندا آهن. هن چيو ته جعفر ايڪسپريس حملي کانپوءِ پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورن سياسي پارٽين ان ڪئميرا اجلاس ۾ شموليت اختيار ڪئي. نيشنل ايڪشن پلان تي جيترو عمل ٿيندو اوتري دهشتگردي گهٽ ٿيندي، هي سمورين پارٽين گڏجي بڻايو آهي. مملڪتي وزير چيو ته اسان صوبن سان گڏ بيٺل آهيون، سياسي طور متحد ٿي ان لعنت جو مقابلو ڪرڻ ممڪن آهي، اسان سيڪيورٽي فورسز سان گڏ هونداسين ته دهشتگردي ختم ٿيندي، ان کان اڳ ايوان ۾ ٻوڏ، افغانستان ۾ زلزلي ۽ ڪوئيٽه ۾ بم ڌماڪي تي بحث ۾ حصو وٺندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته بلوچستان جي مسئلي تي ڪل جماعتي ڪانفرنس گُهرائي وڃي، گم ٿيل ماڻهن جي احتجاج تي ويٺل ماڻهن سان ڳالهائڻ لاءِ گهرو وزير ڪميٽي بڻائي. هن چيو ته افغانستان ۾ زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ان ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جي ميمبر سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته هڪ وزيراعظم چئن وڏن وزيرن سان ٻوڏ واري صورتحال جو مقابلو ڪرڻ ممڪن ناهي، ان لاءِ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر جمال شاهه ڪاڪڙ چيو ته پوري پاڪستان ۾ قدرتي آفتون موجود آهن ۽ بلوچستان ۾ بي اين پي جي جلسي ۾ بم ڌماڪو ٿيو. جلسي ۾ مرڪزي قيادت موجود هئي، دهشتگردن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي. بلوچستان جي مسئلي تي ڪميٽي بڻائي وڃي. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر پولين چيو ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن جا پيارا گم آهن انهن سان ڳالهايو وڃي. جمعيت علماءِ اسلام جي ميمبر عثمان بليدي چيو ته ان ايوان ۾ جڏهن به ڪنهن سنجيده معاملي تي بحث ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ۽ ڪورم جي نشاندهي ڪري ٿي جيڪو افسوسناڪ آهي. بلوچستان جي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، انهن جي سِرن تي شفقت جو هٿ رکيو وڃي. اقتدار ۾ ويٺل ڌُريون گڏجي ويهن. ڪي پي ڪي جون حالتون سڀني آڏو آهن، اتي جو وزيراعليٰ صرف مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪري ٿو.












