اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يومِ دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو 6 سيپٽمبر قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ڏينهن جي شروعات وفاقي گاديءَ واري حڪومت ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ٿيندي. فجر نماز کانپوءِ مسجدن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ خاص دُعائون …
سڄي ملڪ ۾ يومِ دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو 6 سيپٽمبر تي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يومِ دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو 6 سيپٽمبر قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ڏينهن جي شروعات وفاقي گاديءَ واري حڪومت ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ٿيندي. فجر نماز کانپوءِ مسجدن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ خاص دُعائون گُهريون وينديون. ان موقعي تي اخبارون ان حوالي سان خصوصي ايڊيشن شايع ڪنديون. ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي مناسبت سان خاص پيغام نشر ڪيا ويندا.












