سنڌ جي وڏي وزير ۽ ريلوي واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

ڪراچي-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت ۾اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي جي حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، ان ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي  جي بحالي، اهم خدمتن جي آئوٽ سورسنگ، حددخلين جو خاتمو ۽ ڪراچي-روهڙي مسافر ٽرينن جي …

ڪراچي-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جي صدارت ۾اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي جي حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، ان ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي  جي بحالي، اهم خدمتن جي آئوٽ سورسنگ، حددخلين جو خاتمو ۽ ڪراچي-روهڙي مسافر ٽرينن جي اپ گريڊيشـن شامل آهي۔ اجلاس ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڀريو ته ڪي آر سي ڪراچي لاءِ هڪ تڪڙي ضرورت آهي ۽ ان ۾ ٿيندڙ دير افسوسناڪ آهي۔ هن تجويز ڏني ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي گڏيل طور تي منصوبي کي تيار ڪن ۽ ان سان گڏ ڊونر ايجنسين ۽ نجي شعبي کي به شامل ڪيو وڃي۔ ڪي آر سي بابت ابتدائي جائزو جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي 2008 کان 2013 تائين ڪيو هو، بعد ۾ 2016 ۾ ان کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو۔ سنڌ حڪومت چين ريلوي ڪنٽريڪشن ڪارپوريشن سان گڏجي هڪ نظرثاني ڪيل فزيبلٽي تيار ڪئي آهي جنهن موجب منصوبي جي لاڳت 2.002 ارب آمريڪي ڊالر ٿيندي۔ 43 ڪلوميٽر ڊگهي سرڪلر روٽ تي 24 اسٽيشنون قائم ٿينديون، جيڪي روزانو لڳ ڀڳ 6 لک 50 هزار مسافرن کي سهولت فراهم ڪنديون ۽ ڪراچي کي اوڀر- ۽ اتر-ڏکڻ سان ڳنڍينديون۔ پر اها فزيبلٽي اڃا چيني اختيارين جي منظوري لاءِ رڪيل آهي۔ حددخلين خلاف مهم دوران ڊرگ روڊ، ڪراچي يونيورسٽي، اردو ڪاليج ۽ گيلاني اسٽيشن جي ويجهو ريلوي جي 11 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين خالي ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته لياقت آباد ۽ اردو ڪاليج وٽ ڪجهه مسئلا باقي آهن۔ وڏي وزير يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ڪي آر سي روٽ تان حددخليون ختم ڪرڻ ۽ بحالي جي قدمن ۾ ريلوي جي مدد ڪندي۔ اجلاس ان اتفاق تي ختم ٿيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي جا ماهر گڏجي هن منصوبي، اسٽيشنن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نَون ريل منصوبن بابت حتمي تفصيل طئي ڪندا۔ وفاقي وزير حنيف عباسي وڏي وزير جي تجويزن جي حمايت ڪئي ۽ مڪمل وفاقي تعاون جي خاطري ڪرائي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ريلوي ڪنهن به قومي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪي آر سي ۽ انٽر سٽي ٽرين اپ گريڊيشـن ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جو ڍانچو بدلائيندي، نوان موقعا پيدا ڪندي ۽ پاڪستان ريلوي کي مالي استحڪام ڏانهن وٺي ويندي۔اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ڪينٽ ۽ سٽي اسٽيشن جي صفائي ۽ ويسٽ مينيجمينٽ جا معاملا سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ حوالي ڪيا ويندا، جنهن لاءِ باقاعده معاهدو ٿي چڪو آهي۔ ڪينٽ اسٽيشن جون واشنگ لائينون به بورڊ حوالي ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت وڏن ريلوي اسٽيشنن جي خوبصورتي ۽ اپ گريڊيشـن ۾ به سهڪار ڪندي۔ وزيراعليٰ ياد ڏياريو ته صوبي جي حڪومت 2018 ۾ ڪينٽ اسٽيشن جي اپروچ روڊ اڳ ۾ ئي تعمير ڪري چڪي آهي۔ وفاقي وزير حنيف عباسي اعلان ڪيو ته ڪراچي کان سکر تائين سڀئي ريلوي لائينون (480 ڪلوميٽر) اپ گريڊ ڪيون وينديون ۽ 6 ارب رپين جي لاڳت سان ايئر ڪنڊيشنڊ ڪراچي-روهڙي مسافر ريل سروس شروع ڪئي ويندي۔ وزيراعليٰ مراد علي شاهه به هن منصوبي ۾ سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو۔ هن چيو ته ڪراچي ۽ روهڙي جي وچ ۾ اپ گريڊڊ اپ اينڊ ڊائون سروس هلڻ سان مسافرن کي وڏي سهولت ملندي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه آپريشنز کي آئوٽ سورس ڪرڻ سان معيار ۽ شفافيت ۾ بهتري ايندي۔ حنيف عباسي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ريلوي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهڻين خدمتن کي آئوٽ سورس ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومتن جو تعاون شامل هوندو۔اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جي سينيئر ميمبرن شرڪت ڪئي جن ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ، وزير رٿابندي، ترقي ۽ توانائي سيد ناصر حسين شاهه، وزير بلديات سعيد غني، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ٻين عملدارن سميت وفاقي وفد به موجود هو جنهن ۾ سيڪريٽري ريلوي مظهر علي شاهه، سينئر جنرل مينيجر ريلوي عامر علي بلوچ، ايڊيشنل جنرل منيجر انفرااسٽرڪچر حماد حسن، ڊويزنل سپرنٽنڊنٽ ڪراچي محمود رحمان لاکو ۽ ڊائريڪٽر اشفاق احمد شامل هئا.