اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي جڏهن ته صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هو دهشتگردي ۾ ملوث ڌرين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هن دهشتگردي جي حملي ۾ 15 ماڻهو …
قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي خلاف مذمتي قرارداد منظور
اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي جڏهن ته صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هو دهشتگردي ۾ ملوث ڌرين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هن دهشتگردي جي حملي ۾ 15 ماڻهو شهيد ۽ 75 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان زخمين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته هن واقعي ۾ ملوث ڌرين کي فوري طور انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. لاڳاپيل وزير طرفان ان جي مخالفت نه ڪئي وئي. صدر نشين علي زاهد قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.












