هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب 884 ماڻهو فوت، 9 هزار 292 گهر تباهه ٿيا: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب 884 ماڻهو فوت، 9 هزار 292 گهر تباهه ٿيا، حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، قوم متاثرن جي دل کولي مدد ڪري. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ٻوڏ جي حوالي سان جاري بحث کي سهيڙيندي ڪيو. هن چيو ته قدرتي آفتون دنيا ۾ (ترقي يافته …

اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب 884 ماڻهو فوت، 9 هزار 292 گهر تباهه ٿيا، حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، قوم متاثرن جي دل کولي مدد ڪري. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ٻوڏ جي حوالي سان جاري بحث کي سهيڙيندي ڪيو. هن چيو ته قدرتي آفتون دنيا ۾ (ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪ) جتي به ٿين ٿيون انهن کي منهن ڏيڻ آسان ناهي هوندو، هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب 884 ماڻهو فوت ٿيا، 1180 زخمي ٿيا، 9292 گهر تباهه ۽6180 چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻوڏ ۾ ڦاٿل هزارين ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم طرفان ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ فوت ٿي ويلن لاءِ 20 لک روپيا في ماڻهو جي حساب سان ڏنا پيا وڃن، شديد زخمين کي 5 لک ۽ معمولي زخمين کي 2 لک روپيا ڏنا ويندا، ان لاءِ 69 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي کي هڪ ارب 30 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن. ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي ان جا ذيلي ادارا آهن. هن جو چوڻ هو ته اين ڊي ايم اي جون برساتن، ٻوڏ ۽ ڪڪر ڦاٽڻ جي حوالي سان 92 سيڪڙو اڳڪٿيون درست ثابت ٿيون. عوام کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي ته جيئن حفاظتي قدم کڻڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي وسيلن سان سمورا امڪاني قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته تباهي ان حد تائين وڏي آهي جو پوري قوم دل کولي مدد ڪري، اسان سمورا وسيلا گڏ ڪري متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوشان آهيون.اعظم نذير تارڙ چيو ته هي قومي الميو آهي، موسمياتي تبديلين سبب قدرتي آفتون درپيش آهن، ان سياست بدران قومي جذبي سان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد ڪرڻي آهي. ان حوالي سان حڪومت ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪندي.