اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاران نبي اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت جي موقعي تي مبارڪباد

راولپنڊي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري نبي اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پوري مسلمان امت کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي همه گير ۽ جامع الصفات شخصيت هر انسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ۽ اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو الله تعاليٰ اسان کي …

راولپنڊي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري نبي اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پوري مسلمان امت کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي همه گير ۽ جامع الصفات شخصيت هر انسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ۽ اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو الله تعاليٰ اسان کي رسول الله ﷺ جو امتي بڻايو. هن چيو ته نبي اڪرم ﷺ جي زندگي همدرديءَ، ڀائيچاري ۽ محبت جو روشن مثال آهي. پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه رهندي دنيا تائين انسانيت جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي جڏهن ته پاڻ ﷺ جو پيغام انساني حقن، اخوت، ڀائيچاري ۽ امن ۽ محبت جو ضامن آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته اڄ درپيش چئلينجز جو مقابلو رڳو انهي وقت ممڪن آهي جڏهن اسان اسوه حسنه کي پنهنجي زندگين جو لازمي حصو بڻايون. هن چيو ته خاتم النبين ﷺ سان محبت اسان جي ايمان جو بنياد آهي. انسانيت صدين تائين پاڻ ﷺ جي آمد جي منتظر رهي ته جيئن جهالت، ظلم، ڏاڍ ۽ استحصال جي اونداهين جو خاتمو ٿي سگهي. پاڻ ﷺ مظلومن، مسڪينن، يتيمن، بيواهن، غريبن ۽ غلامن جي لاءِ سهارو ۽ پناهه بڻجي آيا ۽ انساني معاشري کي اعليٰ قدرن ۽ اخلاقيات سان روشناس ڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته حضرت محمد ﷺ جي ٻڌايل گڏيل بقاءَ جي اصولن، تعاون، ڀائيچاري ۽ برداشت تي عمل پيرا ٿي دنيا مان تڪرارن ۽ ڇڪتاڻ جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اسان اسوه حسنه کي پنهنجي زندگين ۾ عملي طور تي اختيار ڪريون ته پوري زمين کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو.