دفاع جو ڏهاڙو پاڪستان جي تاريخ جو سنهري باب آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته دفاع جو ڏهاڙو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ سنهري باب آهي جيڪو قوم ۽ هٿياربند فوج جي جرئت ۽ بهادري جي ياد تازي ڪري ٿو. هن چيو ته 6 سيپٽمبر پختي عزم، حب الوطني ۽ عظيم قرباني جي روشن علامت آهي جنهن ڏينهن قوم ۽ پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ …

راولپنڊي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته دفاع جو ڏهاڙو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ سنهري باب آهي جيڪو قوم ۽ هٿياربند فوج جي جرئت ۽ بهادري جي ياد تازي ڪري ٿو. هن چيو ته 6 سيپٽمبر پختي عزم، حب الوطني ۽ عظيم قرباني جي روشن علامت آهي جنهن ڏينهن قوم ۽ پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. اي پي پي سان ڳالهائيندي دانيال چوڌري چيو ته آپريشن بُنيان المرصوص دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪ فوج هر محاذ تي شيهي جي ديوار آهي. اها ڪاميابي پاڪ فوج جي ٺوس حڪمت عملي ۽ خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بهترين قيادت جو نتيجو آهي جنهن پوري قوم کي نئين توانائي ۽ حوصلو ڏنو. هن چيو ته پاڪستاني جوانن ڀارتي جارحيت جي مقابلي ۾ شجاعت جي روشن روايت قائم ڪندي دشمن کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ پسپائي تي مجبور ڪري ڇڏيو. اهو معرڪو نه رڳو عسڪري لحاظ کان پر نظرياتي طور تي پڻ ٻه قومي نظريي جي صداقت جو ثبوت هو جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪ فوج سدائين هر محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ اڄ به دهشتگردي سميت سمورن چئلينجز جي خلاف ملڪ جي دفاع ۾ پوري ثابت قدمي سان سرگرم عمل آهي. هن 6 سيپٽمبر 1965ع تي عوام ۽ فوج جي يڪجهتي کي پاڪستان جي دفاع جي اصل طاقت قرار ڏيندي ملڪ جي دفاع ۾ جانيون قربان ڪندڙ فوجي ۽ سويلين شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون قومي فخر ۽ هڪ مقدس امانت آهي. دانيال چوڌري تازي ٻوڏ صورتحال ۾ پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جي خدمتن کي پڻ ساراهيو جن هزارين قيمتي جانيون بچائي پنهنجي قومي ذميواري ادا ڪئي.