مشڪل گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهيون: سيد يوسف رضا گيلاني

ملتان-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻوڏ متاثر نازڪ صورتحال مان گذري رهيا آهن ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، مشڪل گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهيون. وفاقي وزير مخدوم سيد تنوير الحسن گيلاني اسان جي ڪٽنبن ۽ ملتان جو فخر هو ۽ هن دين جي خدمت سان گڏوگڏ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار …

ملتان-05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٻوڏ متاثر نازڪ صورتحال مان گذري رهيا آهن ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، مشڪل گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهيون. وفاقي وزير مخدوم سيد تنوير الحسن گيلاني اسان جي ڪٽنبن ۽ ملتان جو فخر هو ۽ هن دين جي خدمت سان گڏوگڏ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مرحوم ملتان ۾ لا ڪاليج سميت ڪيترن ئي تعليمي ادارن جو بنياد رکيو. موجوده صدر انجمن اسلامه عمران الحسن گيلاني پڻ پنهنجي والد جي روايت تي برقرار رکندي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن مرحوم مخدوم سيد تنوير الحسن گيلاني جي فاتحه جي حوالي سان منعقد ڪيل وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. خطاب دوران  هن ٻوڏ متاثرن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هن ڏکي وقت ۾ اسان انهن سان گڏ آهيون.