راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي)ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر جنرل ضيا ڪمال ڪادي اوغلو پاڪستان جي سرڪاري دؤري دوران جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشار مرزا سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پيشيوراڻن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، خاص ڪري بدليل عالمي ۽ علائقائي جيو اسٽريٽجڪ ماحول، گڏيل اسٽريٽجڪ ترجيحن ۽ خطي ۾ امن ۽ …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشار مرزا سان ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر جنرل ضيا ڪمال ڪادي اوغلو جي ملاقات
راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي)ترڪ فضائيه جي ڪمانڊر جنرل ضيا ڪمال ڪادي اوغلو پاڪستان جي سرڪاري دؤري دوران جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشار مرزا سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پيشيوراڻن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، خاص ڪري بدليل عالمي ۽ علائقائي جيو اسٽريٽجڪ ماحول، گڏيل اسٽريٽجڪ ترجيحن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻه طرفي تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌُرين آزمايل اسٽريٽجڪ دوستيءَ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ دفاعي سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. مهمان شخصيت پاڪ فوج جي پيشيوراڻي معيار، دهشتگرديءَ خلاف ڪاميابين ۽ قربانين سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست جٿن معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.












