اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي شهرين جي حقن تي ٻَڌل انصاف واري نظام جي پنهنجي ويزن موجب سپريم ڪورٽ ۾ ڇهين انٽر ايڪٽو اڳڀرائيءَ بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. سپريم ڪورٽ مان جاري بيان موجب سيشن ريفارم ايڪشن پلان (آر اي پي) تحت ماهوار اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ ۽ التوا هيٺ قدمن ۽ ايندڙ سنگ ميلن جي باري …
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ ڇهين انٽر ايڪٽو اڳڀرائيءَ جو جائزي وارو اجلاس
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي شهرين جي حقن تي ٻَڌل انصاف واري نظام جي پنهنجي ويزن موجب سپريم ڪورٽ ۾ ڇهين انٽر ايڪٽو اڳڀرائيءَ بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. سپريم ڪورٽ مان جاري بيان موجب سيشن ريفارم ايڪشن پلان (آر اي پي) تحت ماهوار اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ ۽ التوا هيٺ قدمن ۽ ايندڙ سنگ ميلن جي باري ۾ اسٽريٽجڪ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ اعليٰ عملدارن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ سپريم ڪورٽ جي آفيسرن کي گڏ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار، آءِ ٽي ايڊوائيزر همايون ظفر، سپريم ڪورٽ جي سيڪشن هيڊز، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي سينيئر ڊائريڪٽر ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جا سيڪريٽري شريڪ ٿيا. بحث دوران چيف جسٽس کي عدالتي سڌارن جي ايجنڊا ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس ٻُڌايو ويو ته 89 سُڃاڻپ ٿيل قدمن مان 30 مڪمل طور لاڳو ٿي چڪا آهن ۽ 44 جاري آهن، جڏهن ته 14 جلدئي شروع ٿيڻ وارا آهن. هي سنگ ميل پنهنجي اداره جاتي فريم ورڪ کي جديد بڻائڻ ۽ عوام لاءِ خدمتن جي فراهميءَ کي مضبوط بنائڻ لاءِ عدليه جي عزم جي نشاندهي ڪن ٿا. چيف جسٽس ڪيس اُڪلائڻ، ڪيسن جي درجابندي، آءِ ٽي انٽيگريشن، فنانشل مئنجمينٽ ۽ آڊٽ مڪينزم جي انگن اکرن جو به جائزو ورتو ويو. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ڪيس اُڪلائڻ جي شرح نَون ڪيسن جي داخل ٿيڻ کان اڳتي وڌي وئي آهي، جڏهن ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آڊٽ ۽ مالياتي نظم و ضبط ضروري آهي. هن سمورن کاتن کي ايندڙ جائزه اجلاس کان اڳ التوا هيٺ ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان ڳالهه تي زور ڀريندي ته عدليه تي عوام جي اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ لاڳيتو اڳڀرائي تمام ضروري آهي. سپريم ڪورٽ طرفان قانوني چاره جوئي تي ٻَڌل نقطه نظر جي تصديق ڪندي چيف جسٽس مشاهدو ڪيو ته وقت سر ۽ مؤثر انصاف نه صرف آئيني مينڊيٽ آهي پر اخلاقي ذميداري پڻ آهي. هن آفيسرن ۽ فني ماهرن جي تعاون کي به ساراهيو. هن عدليه جي عزم کي ورجايو ته هو هڪ شفاف، جديد ۽ برابريءَ واري انصاف واري نظام جي تعمير ۾ جدت، شموليت ۽ تعاون کي هٿي ڏيندو.












