اين ڊي ايم اي پاران سانوڻي جي نائين اسپيل سبب امڪاني برساتن ۽ درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي الرٽ جاري

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر سانوڻي جي نائين اسپيل جي امڪاني برساتن ۽ درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب سنڌ جي ڏاکڻن ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين، مٺي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ برساتن جو امڪان آهي. …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر سانوڻي جي نائين اسپيل جي امڪاني برساتن ۽ درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب سنڌ جي ڏاکڻن ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين، مٺي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ برساتن جو امڪان آهي. اهڙيءَ طرح اُترين ضلعن سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ هلڪي ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي. درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي. چناب درياهه ۾ قادر آباد واري هنڌ تي 5 لک 7 هزار ۽ چنيوٽ ۾ 5 لک 24 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. خانڪي ۾ 2 لک 59 هزار ڪيوسڪ سان وڏو وهڪرو جاري آهي، جڏهن ته مراله ۽ تريمون ۾ وچولي کان مٿاهين درجي جو وهڪرو برقرار آهي. ريواز پُل تي پاڻيءَ جي سطح 520.3 فوٽ آهي ۽ هيڊ محمد والا ۽ شير شاهه تي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ واڌ ٿي رهي آهي. چناب درياهه ۽ ان سان لاڳاپيل نالن هڪ ۽ پلکو ۾ غير معمولي وهڪري سبب ويجهي وارا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. راوي درياهه ۽ ستلج جي صورتحال به ڳڻتيءَ واري آهي. راوي درياهه ۾ شاهدره وٽ هڪ لک ۽ بلوڪي تي هڪ لک 34 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو آهي، جڏهن ته هيڊ سڌنائي تي هڪ لک 35 هزار ڪيوسڪ سان شديد مٿانهون وهڪرو ۽ جسڙ تي وچولي ۽ مٿاهين ٻوڏ واري صورتحال آهي. ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا تي 3 لک 27 هزار ڪيوسڪ سان مٿاهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ـ سليمانڪي ۽ اسلام هيڊ ورڪس تي به مٿاهين ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، باقي ڊيمن مان پاڻي جو مسلسل نيڪال ۽ برساتن سبب اوڀر جي درياهن ۾ ٻوڏ وارا وهڪرا جاري آهن. وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي ريسڪيو ۽ رليف سرگرمين جي نگراني ڪري رهيا آهن ۽ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر 24 ڪلاڪ فعال آهي. اين ڊي ايم اي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي درياهن جي ڪنارن کان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿين. مقامي انتظاميه جي هدايت تي عمل ڪن. غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ هنگامي ڪٽ تيار رکن، شهري اهم دستاوز محفوظ ڪن ۽ وڌيڪ رهنمائيءَ لاءِ اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ ايپ استعمال ڪن.