نوابشاهه – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري مڊ بنگلو ۽ مڊ منگلي واري جڳهه تي ايس ايم بند جي مختلف جاين جو دورو ڪيو ۽ مختلف جاين تي امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ بريفنگ ورتي. جاري پڌرائي موجب خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري ايس ايم بند جي مختلف جاين تي امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. بي …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران ايس ايم بند جي مختلف جاين جو دورو، انتظامي سرگرمين جو جائزو ورتو
نوابشاهه – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري مڊ بنگلو ۽ مڊ منگلي واري جڳهه تي ايس ايم بند جي مختلف جاين جو دورو ڪيو ۽ مختلف جاين تي امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ بريفنگ ورتي. جاري پڌرائي موجب خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري ايس ايم بند جي مختلف جاين تي امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي صحت بابت معاملن واري وزير عذرا فضل پيچوهو ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان گڏ آبپاشي، صحت، لائيو اسٽاڪ ۽ ريسڪيو 1122 جي امدادي ڪئمپن جو پڻ دورو ڪيو ۽ محرابپور ۾ پڻ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ اڳواٽ قدمن جي طور تي امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته سنڌو درياءَ سان واڳيل ايس ايم بند تي مڊ منگلي اها جڳهه آهي جتي امڪاني ٻوڏ سبب نقصان جو خدشو آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته آبپاشي کاتي مڊ منگلي واري جڳهه تي درياءَ جي وهڪري جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽِي اسپر، جي اسپر جا مختلف ڍانچا تعمير ڪيا آهن. آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته ايس ايم بند تي مڊ منگلي وٽ وڏي مشينري سان گڏوگڏ پٿرن جو وڏو ذخيرو پڻ موجود آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني ڏار کي فوري طور تي ڀري سگهجي. خاتون اول کي ٻڌايو ويو ته آبپاشي کاتي جا اهلڪار 24 ڪلاڪ ايس ايم بند تي گشت تي مقرر آهن ته جيئن بند جي حالت ۽ ٻوڏ صورتحال جي مسلسل نگراني ڪري سگهجي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ريسڪيو 1122 جي ڪئمپ جي عملي وٽ ٻيڙيون، لائيف جيڪٽس، اسڪوبا سيٽ ۽ رسين تائين هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو سمورو سامان موجود آهي. کيس آگاهه ڪيو ويو ته مڊ بنگلو واري جڳهه تي ميڊيڪل ڪئمپ تي ڏهاڙي 80 مريضن جو علاج ڪيو پيو وڃي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته گڊو ۽ سکر بئراج تي 2 لک ڪيوسڪ تائين نارمل، 5 لک ڪيوسڪ تائين وچولي ٻوڏ جڏهن ته سُپر فلڊ 9 لک ڪيوسڪ تائين قرار ڏنو وڃي ٿو جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي 2 لک ڪيوسڪ تائين نارمل، ساڍا چار لک ڪيوسڪ تائين وچولي ٻوڏ جڏهن ته سپر فلڊ 8 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ قرار ڏنو وڃي ٿو. آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته 2010ع جي سپر فلڊ کانپوءِ ايس ايم بند کي مختلف جاين تي مضبوط ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته مڇريل پاڻي کان انساني زندگين، ملڪيتن، فصل ۽ جانورن کي بچائڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو، امڪاني ٻوڏ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مانيٽرنگ کان وٺي هنگامي حالتن جي درجابندي تائين موثر منصوبابندي لازمي آهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته امڪاني ٻوڏ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مختلف ادارن جي وچ ۾ وڌيڪ بهتر ڪوآرڊينيشن ضروري آهي، مون کي خوشي آهي ته انتظاميا پنهنجي بهترين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي امڪاني ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي جي حوالي سان غيرمعمولي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ ڪنهن به قسم جي بداحتياطي هنگامي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي، قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته شهري به احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪري انتظامي قاعدن ۽ ضابطن جو خيال ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا ڪا گذارش ڪري ته شهري ان اپيل تي سنجيدگي سان عمل ڪن ڇو ته توهان جي زندگي قيمتي آهي.












