اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته وفاقي حڪومت صاف توانائيءَ تي توجهه ڏئي رهي آهي. پاڪستان وقت کان اڳ تقريبن 2800 ميگاواٽ جو فوسل فيول پلانٽس بند ڪري ماحولياتي ذميداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ هاڻ گرين فنانسنگ ۽ ڪاربان ڪريڊٽ تائين رسائي چاهي ٿو. اهڙو اظهار هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد …
توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي انرجي بابت ڊائريڪٽر جي اڳواڻيءَ ۾ وفد جي ملاقات
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته وفاقي حڪومت صاف توانائيءَ تي توجهه ڏئي رهي آهي. پاڪستان وقت کان اڳ تقريبن 2800 ميگاواٽ جو فوسل فيول پلانٽس بند ڪري ماحولياتي ذميداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ هاڻ گرين فنانسنگ ۽ ڪاربان ڪريڊٽ تائين رسائي چاهي ٿو. اهڙو اظهار هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي اڳواڻ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي انرجي بابت ڊائريڪٽر جونهو هوانگ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي سڌارن، ڊسڪوز جي نجڪاري، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ۽ مستقبل جا تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ۽ مربوط توانائي منصوبا سازي ۾ هميشه مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ٻُڌايو ته پهرئين مرحلي ۾ 3 ڊسڪوز جي نجڪاري ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان سيڙپڪاريءَ سان گڏوگڏ فني معاونت کي ساراهيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صاف توانائيءَ تي توجهه ڏئي رهي آهي، اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ نئون ٽيرف متعارف ڪرائي چڪي آهي ۽ گرڊ ۽ ميٽرنگ سسٽم ۾ بهتريءَ لاءِ عالمي تعاون جا خواهشمند آهيون. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي انرجي بابت ڊائريڪٽر چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي معاونت تي فخر آهي. توانائي شعبي لاءِ 130 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن مان شروعاتي طور 30 ملين ڊالر فوري طور دستياب آهن. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ گرين فنانسنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهي ٿو ۽ اسان جي ٽيم منصوبن کي شروعات کان ڏسندي ته جيئن پاڪستان کي ان فنانسنگ جو وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ پاڪستان ۾ نجڪاري، ڪاربن مارڪيٽ جو قيام، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن سسٽم کي جديد رُخن تي آڻڻ ۽ تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. ملاقات ۾ وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته توانائيءَ جي سمورن منصوبن ۾ شفافيت، پائيداري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي بنيادي اصول بڻايو ويندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جو مقصد عوام کي پائيدار ۽ سستي بجلي جي فراهمي آهي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي حصيدارن جو تعاون انتهائي اهميت رکي ٿو.












