دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رومانيه جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رومانيه جي سفير ڊين اسٽوئينسڪو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ رومانيه وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻَڌل لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ويو، جيڪو هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جو 60هون سالگره ملهائي رهي آهي. دفاع واري وزير يورپي يونين جي قابل قدر ميمبر طور رومانيه جي اهميت ۽ پاڪستان سان مضبوط دفاعي لاڳاپا رکڻ کي …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رومانيه جي سفير ڊين اسٽوئينسڪو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ رومانيه وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻَڌل لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ويو، جيڪو هن سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جو 60هون سالگره ملهائي رهي آهي. دفاع واري وزير يورپي يونين جي قابل قدر ميمبر طور رومانيه جي اهميت ۽ پاڪستان سان مضبوط دفاعي لاڳاپا رکڻ کي ساراهيو. هن پاڪستان جي انتظام هيٺ گهڻ قومي فوجي مشقن ۾ رومانيه جي شرڪت کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون مصروفيتون امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. ڌُرين وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ، ماهرن جي باقائدي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۽ دفاعي عملي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سفير پاڪستان کي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي خطي جو هڪ اهم ملڪ قرار ڏيندي ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ رومانيه جي آمادگيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي پاڪستان ۽ رومانيه وچ ۾ وڌندڙ حصيداريءَ جي عڪاسي ۽ دفاعي دؤرن جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ جي گڏيل عزم کي ورجائڻ سان ٿيو.