الله جو شڪر آهي جو 1500هين عيد ميلادالنبيﷺ ملهائڻ جو شرف حاصل ٿيو: سنڌ جو گورنر

ڪراچي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته اسان کي 1500هين عيد ميلاد النبيﷺ ملهائڻ جو شرف حاصل ٿيو. الله تعاليٰ اسان کي صحابه ڪرام وانگر نبي ڪريمﷺ سان سچي محبت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اھڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي 1500 هين عيد ميلاد النبيﷺ جي محفل ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب …

ڪراچي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته اسان کي 1500هين عيد ميلاد النبيﷺ ملهائڻ جو شرف حاصل ٿيو. الله تعاليٰ اسان کي صحابه ڪرام وانگر نبي ڪريمﷺ سان سچي محبت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اھڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي 1500 هين عيد ميلاد النبيﷺ جي محفل ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ڪيترين ئي شخصيتن شرڪت ڪئي. زوهيب اشرفي، آفاق بشير، زبير اسحاق، فيصل حسن نقشبندي ۽ ٻين نعت خوانن رسول اللهﷺ جي بارگاهه ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا. مفتي محمد اڪمل رسول اللهﷺ جي زندگي تي هڪ جامع ۽ اثرائتو بيان ڏنو. محمد شهزاد ۽ ڪرن رفيق کي گورنر سنڌ پاران ڪُڻن ذريعي عمري جا ٽڪيٽ ڏنا ويا. گورنر وڌيڪ چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته قرآن کي ترجمي ۽ تفسير سان پڙهون ۽ ان تي عمل ڪريون، دلين مان نفرت کي ختم ڪريون ۽ هر ڪنهن سان محبت ۽ خلوص سان پيش اچون. هن چيو ته جنت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته الله جي حڪمن ۽ رسول اللهﷺ جي سنت تي عمل ڪريون ۽ پنهنجي پياري نبيﷺ لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو عقيدو اختيار ڪريون.