چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جو قطر جو دؤرو

راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا قطر جو سرڪاري دؤرو ڪيو، جتي هن هائر ملٽري ڪوآپريشن ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي الثاني ۽ چيف آف اسٽاف قطر آرمڊ فورسز ليفٽيننٽ جنرل …

راولپنڊي-04 سيپٽمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا قطر جو سرڪاري دؤرو ڪيو، جتي هن هائر ملٽري ڪوآپريشن ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن بن علي الثاني ۽ چيف آف اسٽاف قطر آرمڊ فورسز ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) جاسم محمد احمد المانال سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي سلامتي جي بدليل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو ويو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٻنهي ڀائر ملڪن جي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ هائر ملٽري ڪوآپريشن ڪميٽيءَ تحت دفاع سلامتي جي شعبن ۾ مستقبل ۾ تعاون جي مختلف رُخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قطر جي سول عسڪري قيادت خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بنائڻ ۾ پاڪستان جي اهم ۽ ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان آرمي جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ قربانين جي ساراهه ڪئي. ان کان اڳ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو قطر آرمڊ فورسز هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.