پاڪ بحريه جي 3 ڪموڊورز کي ريئر ايڊمرل جي عهدن تي ترقيون

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ڪموڊور محمد شاهنواز خان، ڪموڊور عاصم سهيل ملڪ ۽ ڪموڊور سهيل احمد عزمي کي ريئر ايڊمرل جي عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ريئر ايڊمرل محمد شاهنواز خان 1993ع ۾ پاڪ بحريه جي سپلاءِ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي نڪتل آهي. پنهنجي …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ڪموڊور محمد شاهنواز خان، ڪموڊور عاصم سهيل ملڪ ۽ ڪموڊور سهيل احمد عزمي کي ريئر ايڊمرل جي عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ريئر ايڊمرل محمد شاهنواز خان 1993ع ۾ پاڪ بحريه جي سپلاءِ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي نڪتل آهي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران هو مختلف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف مقررين جو وڏو تجربو رکي ٿو، جنهن ۾ ڪمانڊنگ آفيسر جنرل اسٽورز ڊپو، ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس رضا، ڊائريڪٽر پروڪيورمينٽ (نيوي)، نيوي وار ڪاليج لاهور ۾ ڊائريڪٽنگ اسٽاف، نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڊائريڪٽرز پي، پينشن اينڊ اڪائونٽس ۽ اسسٽنٽ چيف آف نيول اسٽاف (ايجوڪيشن) شامل آهن. ريئر ايڊمرل محمد شاهنواز خان هن وقت منسٽري آف ڊفينس پروڊڪشن اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر جنرل ميونيشن پروڊڪشنز جون ذميداريون نڀائي رهيو آهي. ريئر ايڊمرل عاصم سهيل ملڪ 1995ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. هو پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي نڪتل آهي. هن بنگلاديش مان ڊفينس سروسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس، چين مان ڊفينس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ڪورس ۽ آپريشنل ريسرچ/انيليسز ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪري ورتي آهي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران هو مختلف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف مقررين جو وسيع تجربو رکي ٿو. جنهن ۾ ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ضرار ۽ پي اين ايس شمشير، ڪمانڊر 9 آگزلري اسڪارڊن ۽ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جو چيف اسٽاف آفيسر شامل آهن. پاڻ نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر آپريشنل ريسرچ، ڊائريڪٽر نيول آپريشنز ۽ اسسٽنٽ چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنل پلانز) مقرر رهيا. پاڻ ڪمانڊر ڪمبائينڊ ٽاسڪ فورس 150 ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. ريئر ايڊمرل عاصم سهيل ملڪ هن وقت نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڊي جي سي-41 جون ذميداريون نڀائي رهيو آهي. ريئر ايڊمرل سهيل احمد عزمي 1996ع ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. هو رائل نيول ڪاليج ڊارٽ ماٿ برطانيه، پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرائي نڪتل آهي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران هو مختلف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف مقررين جو وڏو تجربو رکي ٿو. جنهن ۾ پاڪستان نيوي وار ڪاليج ۾ ڊائريڪٽنگ اسٽاف، ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس نصر، ڪمانڊر 9 آگزلري اسڪاڊرن، ڪمانڊنٽ پاڪستان نيول اڪيڊمي ۽ نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ اسسٽنٽ چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنل پلانز) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ بحرين ۾ ڪمبائينڊ ميري ٽائيم فورسز هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڪمانڊر ڪمبائينڊ ٽاسڪ فورس 151، پاڪستان نيوي وار ڪاليج ۾ ڊپٽ: ڪمانڊنٽ جون خدمتون به سرانجام ڏئي چڪو آهي. ريئر ايڊمرل سهيل احمد عزمي هن وقت لاهور ۾ ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ۽ ڪمانڊنٽ پاڪستان نيوي وار ڪاليج جون ذميداريون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ٽنهي آفيسرن کي انهن جي اعليٰ خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز (ملٽري) سان به نوازيو ويو آهي.