تعليم بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر جي يونيسڪو چيف سان ملاقات

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر يونيسڪو جي چيف فاد پاشايف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ تعليم ۽ ثقافتي ورثي کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سڀني لاءِ معياري، هڪجهڙي ۽ جامع تعليم جي اهميت تي زور ڀريو ۽ پاڪستان جي تعليمي هدفن ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي مقصدن (ايس …

اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر يونيسڪو جي چيف فاد پاشايف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ تعليم ۽ ثقافتي ورثي کي هٿي ڏيڻ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سڀني لاءِ معياري، هڪجهڙي ۽ جامع تعليم جي اهميت تي زور ڀريو ۽ پاڪستان جي تعليمي هدفن ۽ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي مقصدن (ايس ڊي جيز) سان هم آهنگي تي اتفاق ڪيو. وجيهه قمر حڪومت طرفان تعليم تائين پهچ وڌائڻ، اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو انگ گهٽ ڪرڻ ۽ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڳالهين دوران پاڪستان جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بڻائڻ ۽ نوجوان نسل ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. مملڪتي وزير يونيسڪو سان پراڻي تعاون کي ساراهيو ۽ فني مدد، علم جي مٽاسٽا ۽ گڏيل منصوبن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. فاد پاشايف پاڪستان جي تعليمي سڌارن ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ جي ڪوششن کي ساراهيندي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن خاص ڪري استادن جي تربيت، صلاحيتن ۾ اضافي ۽ ورثي جي تحفظ بابت منصوبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. آخر ۾ مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو ته پاڪستان يونيسڪو سان گڏجي تعليم ۽ ثقافتي ورثي کي امن، سماجي هم آهنگي ۽ پائيدار ترقي جو ذريعو بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.