مشڪل گهڙي ۾ سڀني کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي پوندي: سينيٽ چيئرمين

ملتان-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻوڏ متاثرن جي فوري امداد جي هدايت ڪندي چيو ته مشڪل گهڙي ۾ سڀني کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪري متاثر عوام جي مدد ڪرڻي پوندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته سرندي وارن کي اپيل آهي ته اهي فلاحي ادارن سان گڏجي کاڌي پيتي جي شين ۽ چوپائي مال جي گاهه جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪن. …

ملتان-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻوڏ متاثرن جي فوري امداد جي هدايت ڪندي چيو ته مشڪل گهڙي ۾ سڀني کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪري متاثر عوام جي مدد ڪرڻي پوندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته سرندي وارن کي اپيل آهي ته اهي فلاحي ادارن سان گڏجي کاڌي پيتي جي شين ۽ چوپائي مال جي گاهه جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪن. هن جو چوڻ هو ته اسان سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ هي جدوجهد نج عوامي خدمت جي جذبي سان ڪئي پئي وڃي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻوڏ جي شروعات سان ئي هو پاڻ عوام جي خدمت لاءِ ميدان ۾ آهي ۽ متاثرن کي رليف پهچائڻ جي عمل جي سڌي ريت نگراني ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ميڊيا سميت سمورا ادارا ساراهه جوڳا آهن جيڪي وقت تي نشاندهي ذريعي انساني جانين ۽ چوپائي مال کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان خاص ڪري ملتان مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي، پاڻي جي وهڪري ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. هن متاثرن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي جانين کي بچائڻ لاءِ فوري طور گهر خالي ڪن ۽ محفوظ هنڌن جو رخ ڪن ته جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي. سينيٽ چيئرمين انتظاميه، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، سول ڊفينس، ريسڪيو 1122، ميڊيا ۽ فلاحي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪيو، جيڪي ڏينهن رات عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سرگرم آهن.