اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي اين ڊي ايم اي ستلج درياءَ ۾ غير معمولي طور وڏي ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي فلڊ الرٽ جاري ڪيو آهي. نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر موجب گنڊا سنگهه والا ۾ ستلج درياءَ جو وهڪرو 335591 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو انتهائي وڏو وهڪرو آهي. اين ڊي ايم اي موجب هي واڌ ڀارتي ڊيمن پونگ ۽ ڀاڪرا مان پاڻي ڇڏڻ …
ستلج درياءَ ۾ هاءِ فلڊ الرٽ جاري، ڀارتي ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ سان صورتحال سنگين ٿي وئي: اين ڊي ايم اي
اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي اين ڊي ايم اي ستلج درياءَ ۾ غير معمولي طور وڏي ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي فلڊ الرٽ جاري ڪيو آهي. نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر موجب گنڊا سنگهه والا ۾ ستلج درياءَ جو وهڪرو 335591 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو انتهائي وڏو وهڪرو آهي. اين ڊي ايم اي موجب هي واڌ ڀارتي ڊيمن پونگ ۽ ڀاڪرا مان پاڻي ڇڏڻ سبب مسلسل وڌي رهيو آهي. پونگ ڊيم 98 سيڪڙو جڏهن ته ڀاڪرا ڊيم 96 سيڪڙو ڀريل آهن جنهن سان ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. سليمانڪي ۾ هاءِ فلڊ جي صورتحال جو امڪان آهي جتي پاڻي جي نيڪال اٽڪل هڪ لک 32 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو، ان صورتحال ۾ قصور، اوڪاڙه، پاڪپتڻ، بوري والا، عارف والا ۽ بهاولنگر ضلعن کي هاءِ فلڊ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. زرعي زمينن، ڳوٺن ۽ ڪمزور انفرا اسٽرڪچر کي ٻوڏ جي وهڪرن مان شديد خطرو آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ته جيئن ماڻهن جي محفوظ لڏپلاڻ ۽ رليف سرگرمين کي يقيني بڻائي سگهجي.عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي مقامي انتظاميه جي هدايت تي سختي سان عمل ڪن ۽ هنگامي صورتحال ۾ ريسڪيو 1122 يا لاڳاپيل عملدارن رابطو ڪن.












