صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت پاران هر ضلعي لاءِ فوڪل پرسن مقرر

سکر-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي طرفان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حفاظت لاءِ پروفيشنل صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز بابت سنڌ ڪميشن (SCPJMP) پاران صوبائي، ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي فوڪل پرسنز مقرر ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل پڌرائي موجب اھي فوڪل پرسن پروفيشنل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ سان گڏ ڪميشن جي آئين ۽ قاعدن تي عملدرآمد کي پڻ يقيني بڻائيندا. ان سلسلي ۾ …

سکر-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي طرفان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حفاظت لاءِ پروفيشنل صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز بابت سنڌ ڪميشن (SCPJMP) پاران صوبائي، ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي فوڪل پرسنز مقرر ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل پڌرائي موجب اھي فوڪل پرسن پروفيشنل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ سان گڏ ڪميشن جي آئين ۽ قاعدن تي عملدرآمد کي پڻ يقيني بڻائيندا. ان سلسلي ۾ ضلع سکر لاءِ ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سکر، غلام عباس ڳوراهو کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. ضلع سکر جي سمورن صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي هدايت ڪجي ٿي ته هو پنهنجي صحافتي ڪم جي حوالي سان درپيش مسئلن ۽ تحفظ بابت ڪنهن به رهنمائي يا مدد لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسن سان رابطي ۾ رهن، ته جيئن سندن مسئلا وقت سر ۽ موثر طريقي سان حل ٿي سگهن.