بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ 5 نون لنگهن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ م سي پيڪ جي ٻئي …
پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن پاران مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ 5 نون لنگهن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق

مزید خبریں
بيجنگ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ 5 نون لنگهن تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ م سي پيڪ جي ٻئي مرحلي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ حمايت تي چيني قيادت ۽ قوم جا دل سان ٿورا مڃيا. صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ 2 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ملاقات ۾ طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ جي بنياد تي چيني وزيراعظم لي چيانگ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل ايڪشن پلان (2029 – 2024ع) تي صحيحن کي ان سلسلي ۾ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت جي سڌارن جي اڻٿڪ ڪوششن جا اميد جوڳا نتيجا رڳو چين جي ڀرپور حمايت جي ڪري ئي ممڪن ٿيا آهن. هن جلد ئي چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بانڊز جي فراهمي جي پاڪستان جي ارادي جو پڻ اظهار ڪيو. اقتصادي شعبي جي حوالي سان وزيراعظم گذريل ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) جي هڪ اهم منصوبي، چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اهم اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ۽ قراقرم هاءِ وي ۽ ريلوي مين لائين – 1 کي ٻيهر جوڙڻ ۽ گوادر پورٽ جي جلد فعال ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيڊ/ فيز 2، بشمول 5 نئين لنگهن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بزنس ٽو بزنس تعاون ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن تي زور ڏيندي چيني وزيراعظم کي بيجنگ ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس بابت ٻڌايو جنهن ۾ 300کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ 500 چيني ڪمپنيون شريڪ ٿي رهيون آهن. هن زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، ٽيڪسٽائيل، صنعتي شعبي ۽ آءِ ٽي کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترجيحي شعبا قرار ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ جي عالمي گورننس انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايتو ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو سميت گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي تاريخي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ چيني وزيراعظم پاران وزيراعظم جي اعزاز ۾ هڪ پروقار مانجهاندو ڏنو ويو. واضح رهي ته ٻئي ملڪ ايندڙ سال پاڪ چين سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فيز 2 جي ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيا ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جي تقريب پڻ ٿي جنهن ۾ ٻنهي وزيراعظمن شرڪت ڪئي.










