اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)ڪنگ سلمان رليف خيبرپختونخو ۾ تازي ٻوڏ سبب متاثر علائقن لاءِ هنگامي امدادي سامان ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. امداد سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعن بونير، سوات، شانگله، بٽگرام، مانسهره، دير بالا، صوابي ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنگ سلمان رليف 10 هزار شيلٽر ڪٽس ۽ 10 هزار فوڊ پيڪيجز مختص ڪيا آهن. هر شيلٽر …
ڪنگ سلمان رليف طرفان خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثرن ۾ ايمرجنسي امدادي سامان ورهايو ويو
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)ڪنگ سلمان رليف خيبرپختونخو ۾ تازي ٻوڏ سبب متاثر علائقن لاءِ هنگامي امدادي سامان ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. امداد سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعن بونير، سوات، شانگله، بٽگرام، مانسهره، دير بالا، صوابي ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ فراهم ڪئي پئي وڃي. موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنگ سلمان رليف 10 هزار شيلٽر ڪٽس ۽ 10 هزار فوڊ پيڪيجز مختص ڪيا آهن. هر شيلٽر ڪٽ ۾ هڪ خيمو، سولر پنيل سميت ايل اي ڊي لائيٽس، ٻه ٿرمل ڪمبل، پلاسٽڪ ميٽ، پائيدار ڪچن سيٽ، پاڻي جا ڪولر ۽ اينٽي بيڪٽريل صابڻ شامل آهن. هر فوڊ پيڪيج جنهن جو وزن 95 ڪلوگرام آهي، جنهن ۾ آٽو، کنڊ، داليون ۽ کاڄرو تيل شامل آهن ته جئين متاثر خاندانن جي فوري غذائي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. امدادي سامان جي ورهاست نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي، پي ڊي ايم اي، رليف کاتو، بحالي ۽ آبادڪاري خيبرپختونخوا ۽ ڪنگ سلمان رليف جي حصيدار حيات فائونڊيشن ۽ پيس اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي تعاون سان شفاف ۽ وقت سر جاري آهي. هي قدم سعودي عرب طرفان ڪنگ سلمان رليف ذريعي پاڪستان جي عوام سان هر مشڪل وقت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي عملي تعاون جي عزم جي تجديد آهي.












