ملڪ جي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 97 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 95 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 42 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 500 ڪيوسڪ، جهلم …

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 97 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 95 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 42 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 47 هزار  ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 71 هزار 700 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 70 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 69 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 69 هزار 600 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 50 هزار 900 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 66 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 38 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1549.85 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.719 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1227.55 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 6.158 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.258 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.