وزيراعظم پاران اين ڊي ايم اي کي دريائن ۾ وڌندڙ چاڙهه جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين جي لاءِ پوري طرح تيار رهڻ جي هدايت

بيجنگ – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي دريائن ۾ وڌندڙ چاڙهه جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين جي لاءِ پوري طرح تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم جيڪو چين جي دوري دوران بيجنگ ۾ موجود آهي، بيجنگ مان اين ڊي ايم اي چيئرمين سان ٽيليفون تي رابطو ڪري صورتحال معلوم ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي پاڪستان …

بيجنگ – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي دريائن ۾ وڌندڙ چاڙهه جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين جي لاءِ پوري طرح تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم جيڪو چين جي دوري دوران بيجنگ ۾ موجود آهي، بيجنگ مان اين ڊي ايم اي چيئرمين سان ٽيليفون تي رابطو ڪري صورتحال معلوم ڪئي. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين راوي، چناب ۽ ستلج ۾ وڌندڙ چاڙهه جي حوالي سان کيس آگاهه ڪيو. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي دريائن ۾ وڌندڙ چاڙهه جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين جي تياري وقت کان اڳ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن اين ڊي ايم اي کي صوبائي حڪومتن سان مڪمل تعاون ڪري حفاظتي قدم ۽ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم راوي، چناب ۽ ستلج ۾ وڌندڙ چاڙهه جي حوالي سان عوام کي اڳواٽ آگاهه ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.