وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران مشهور اداڪار انور علي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت جي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ناليواري اداڪار انور علي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ميڊيا انڊسٽري لاءِ ڪيل سندس خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته انور علي جي فنون لطيفه ۾ ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. انور علي جهڙا فنڪار وڏي عرصي کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن . …

اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت جي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ناليواري اداڪار انور علي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ميڊيا انڊسٽري لاءِ ڪيل سندس خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته انور علي جي فنون لطيفه ۾ ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. انور علي جهڙا فنڪار وڏي عرصي کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن . هن مرحوم جي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ  ڌڻي در دعا ڪئي.