اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته ٻوڏ جي تباهين کان بچڻ لاءِ نوان ڊيم ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهن. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ جو پاڻي اسان جي ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ هر سال لکين ماڻهو ان سبب متاثر ٿي رهيا آهن جنهن ڪري ان مسئلي جو حل ڳولڻو پوندو. وفاقي وزير …
ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ نوان ڊيم ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهن: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ
اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي، ته ٻوڏ جي تباهين کان بچڻ لاءِ نوان ڊيم ٺاهڻ وقت جي ضرورت آهن. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ جو پاڻي اسان جي ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ هر سال لکين ماڻهو ان سبب متاثر ٿي رهيا آهن جنهن ڪري ان مسئلي جو حل ڳولڻو پوندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هن ذاتي طور تي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجي 18 مهينن جي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي اختلاف وساري ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي. قيصر احمد شيخ چيو ته چين پنهنجي عوام کي ترجيح ڏني ۽ 07 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي دنيا لاءِ مثال قائم ڪيو، جڏهن ته اسان اڄ به ڊيم ٺاهيون يا نه ان اختلاف ۾ منجهيل آهيون . هن وڌيڪ چيو ته ڊيمن جي تعمير ضروري آهي ته جيئن هر سال ايندڙ تباهي ۽ نقصان کان بچي سگهجي.












