اسلام آباد-2 سيپٽمبر (اي پي پي ) نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر ) شوڪت عزيز اي پي پي ايمپلائز يونين اليڪشن شيڊول جاري ڪرڻ بعد ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ واري قدم تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي، ته آئين ۽ قانون کان هٽي ڪري اهڙا قدم کڻڻ تي ماڻهن جو اين آءِ آر سي تان اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. …
جسٽس (ر ) شوڪت عزيز صديقي پاران اي پي پي ايمپلائز يونين اليڪشن ۾ ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ تي شديد ڪاوڙ جو اظهار
اسلام آباد-2 سيپٽمبر (اي پي پي ) نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر ) شوڪت عزيز اي پي پي ايمپلائز يونين اليڪشن شيڊول جاري ڪرڻ بعد ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ واري قدم تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي، ته آئين ۽ قانون کان هٽي ڪري اهڙا قدم کڻڻ تي ماڻهن جو اين آءِ آر سي تان اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. اليڪشن ڪرائيندڙ اين آءِ آر سي جي آفيسر مدد علي شاهه ووٽرز لسٽ مان نالو ڪڍڻ تي تسلي بخش جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي آفيسر کان اليڪشن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي. فاضل بئنچ متاثر ووٽرن سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اين آءِ آر سي جي چيئرمين جسٽس (ر ) شوڪت عزيز صديقي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ جنهن ۾ سراج السلام خان ۽ منور حسين طور ميمبر جي حيثيت سان شامل هئا، خضر زمان ملڪ اي پي پي امپلائيز يونين جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي جي باقاعده شروعات ڪئي. درخواستگذار طرفان چوڌري صغير جڏهن ته اي پي پي طرفان حسين حيدر عدالت جي سامهون پيش ٿيا. اي پي پي جي وڪيل حسين حيدر سوال اٿاريو ته اين آءِ آر سي جي ڄاڻايل آفيسر اليڪشن شيڊول بعد حتمي لسٽ مان نالا ڪڍيا آهن، جڏهن ته اداري جي هيومن ريسورس شعبي طرفان تصديق ٿيل ووٽرز لسٽ فراهم ڪئي وئي هئي. اين آءِ آر سي جي چيئر مين جسٽس (ر ) شوڪت عزيز صديقي اين آءِ آر سي جي ذميوار آفيسر مدد علي شاهه کي فوري طلب ڪري ورتو. اين آءِ آر سي جي چيئرمين چيو ته جڏهن شيڊول جاري ٿي وڃي ته ووٽرز لسٽ ۾ نه ڪنهن جو نالو شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري ڪڍي سگهجي ٿو. هڪ ذميوار آفيسر طور توهان جواب ڏيو ته ڪيئن ووٽر لسٽ مان نالا ڪڍيا آهن؟ ڇا توهان کي ان جو اختيار هو؟ اي پي پي امپلائز يونين جي اليڪشن ڪرائيندڙ اين آءِ آر سي جي ذميوار آفيسر مدد علي شاهه جي جواب کي فاضل عدالت غير تسلي بخش قرار ڏيندي کيس حڪم ڏنو ته هو (اڄ) اربع تائين اليڪشن جي تفصيلي رپورٽ ۽ ووٽرز جي نالن ڪڍڻ بابت تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري. فاضل اين آءِ آر سي جي چيئرمين چيو ته ماڻهن جو اعتبار کڄي ويو آهي، ڇو ته جنهن شيءِ جو اختيار نه هجي اهو ڪري ڇڏين ٿا. اين آءِ آر سي جي چيئرمين ذميوار آفيسر کان سوال ڪيو ته جڏهن توهان اي پي پي امپلائز يونين اليڪشن جي حتمي لسٽ مان ووٽرن جا نالا ڪڍيا آهن ته ڇا توهان انهن کي گهرائي ٻڌو آهي، ته انهن انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو،جنهن تي پنهنجي رمارڪس ۾ اين آءِ آر سي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته توهان جي ان رد عمل سان ووٽر راءِ جي حق کان محروم ٿيا آهن. توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. اين آءِ آر سي پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اي پي پي امپلائز يونين جي وڪيل جي مصروفيت سبب سمورين ڌرين خاص ڪري ووٽرن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي (اڄ) اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.












