اسلام آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شھر ۾ شديد برساتن سبب پاڻي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي راول ڊيم جا سپل ويز صبح جو کوليا ويا آھن. اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان مطابق راول ڊيم جي ليول 1751.70 فوٽ تي پھچي چڪي آھي جنھن سبب راول ڊيم جا سپل ويز کوليا ويا، اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ آگاھه …
راول ڊيم جا سپل ويز کوليا ويا
اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شھر ۾ شديد برساتن سبب پاڻي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي راول ڊيم جا سپل ويز صبح جو کوليا ويا آھن. اين ڊي ايم اي طرفان جاري بيان مطابق راول ڊيم جي ليول 1751.70 فوٽ تي پھچي چڪي آھي جنھن سبب راول ڊيم جا سپل ويز کوليا ويا، اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ آگاھه ڪيو ۽ ڪورنگ نالي جي ويجھو رھائشي آبادين جي رھواسين کي احتياط ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. عوام کي چيو ويو آھي ته پاڻي جو وھڪرو تيز ھجڻ جي صورت ۾ نالي ۽ نالن تي ٺھيل عارضي پل ڪراس ڪرڻ کان پاسو ڪن.












