اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاران افغانستان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي کي ٽيليفون ڪئي ۽ افغانستان ۾ گذريل رات ايندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن متاثرين ۽ سوڳوار خاندانن جي لاءِ دعا ڪئي، افغان عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته افغان حڪومت جي ضرورت موجب هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.












