سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي نيسپاڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ نامزدگيءَ بابت پينل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (نيسپاڪ) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ نامزدگيءَ بابت پينل جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيسپاڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ٻيهر جوڙجڪ بابت معاملي جو جائزو ورتو ويو. ايس او ايز (گورننس …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينه ڪميٽي نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (نيسپاڪ) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ نامزدگيءَ بابت پينل جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيسپاڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ٻيهر جوڙجڪ بابت معاملي جو جائزو ورتو ويو. ايس او ايز (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023ع جي گهرجن موجب بورڊ جي نامزدگي بابت ڪميٽيءَ جي سفارشن تي ڪابينه ڪميٽي پينل جي منظوري ڏئي ڇڏي. پينل ۾ جاويد اسلم، محمدعلي، پير سعد احسن الدين، عمر حسن ۽ شهانه احمد علي شامل آهن. انهن سمورن شخصيتن کي انهن جي مضبوط پيشيوراڻي قابليت ۽ لاڳاپيل مهارت جي بنياد تي چونڊيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته سرڪاري ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ جي اهميت ۽ هنگامي نوعيت کي نظر ۾ رکندي اڻٽر آهي ته نامزدگين جي چونڊ ۽ جاچ پڙتال جو عمل لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن طرفان وقت سر ۽ مضبوط انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ان عمل ۾ غير ضروري دير کان بچي سگهجي.

مزید خبریں