وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران راوي درياهه جي تازا ترين صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ دؤرو

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان راوي درياهه جي تازا ترين صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ دؤرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هِن چيو ته هي سياست جو نه پر پوري قوم جي متحد ٿي ٻوڏ ۽ موجوده غير متوقع صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۽ بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ جو وقت آهي. عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي سياسي …

اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان راوي درياهه جي تازا ترين صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ دؤرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هِن چيو ته هي سياست جو نه پر پوري قوم جي متحد ٿي ٻوڏ ۽ موجوده غير متوقع صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۽ بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ جو وقت آهي. عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڏُکيائين ۾ گهيريل عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ته ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن پنجاب ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ نه صرف خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي پر پنهنجي صوبائي حڪومتن طرفان مدد جي به آڇ ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن گلگت بلتستان کي ٻوڏ ۽ برساتن جو مُنهن ڏسڻو پيو هو ته پنجاب وانگر به اهڙيءَ طرح جون مثبت سرگرميون نظر آيون، جيڪي ملڪي سطح تي اتحاد جو اهڃاڻ آهن. وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي خاطري ڪرائي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ مواصلات کاتو سڄي ملڪ ۾ شاهراهن جي سارسنڀال ۽ فوري تعمير ۽ مرمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندي، جتي جتي به روڊن کي نقصان پهتو اُتي فوري طور بحاليءَ جون ڪارروايون شروع ٿي وينديون. وفاقي وزير ريسڪيو سروسز ۽ سمورن ادارن جي تياري ۽ وقت سر ڪاررواين کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن به خيريت سان گذري ويندا ۽ راوي درياهه جي ڀرپاسي خاص ڪري شاهدره جي عوام کي مشڪلاتن جو مُنهن نه ڏسڻو پوندو. ٻئي طرف وفاقي وزير پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي راوي درياهه ۾ ريسڪيو سروسز ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو.

مزید خبریں