لاهور-28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستاني شيف ڪميونٽي ملڪ جو مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۽ ملڪي ثقافت، روايتن ۽ مهمان نوازيءَ کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن الحمرا ۾ شيفس ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي ميمبرشپ ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني کاڌا اسان جي ثقافت، تاريخ …
پاڪستاني شيف ڪميونٽي ملڪ جو مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور-28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستاني شيف ڪميونٽي ملڪ جو مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ ۽ ملڪي ثقافت، روايتن ۽ مهمان نوازيءَ کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن الحمرا ۾ شيفس ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي ميمبرشپ ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني کاڌا اسان جي ثقافت، تاريخ ۽ قومي سُڃاڻپ جا ترجمان ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي. شيف برادري پنهنجي محنت ۽ هنر سان نه صرف سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر امن، دوستي ۽ ڀائيچاري جو پيغام به عام ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت هر فورم تي پاڪستاني کاڌن ۽ شيف ڪميونٽي جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ۾ ساڻس گڏ آهي، نوجوان نسل کي انهن ذائقن ۽ ورثي کان روشناس ڪرائڻ ضروري آهي ته جيئن هي ايندڙ نسلن تائين منتقل ٿي سگهي. هن چيو ته ڪوڪنگ انڊسٽري تخليقي اظهار سان گڏوگڏ روزگار جا وسيع موقعا به فراهم ڪري ٿي، جڏهن ته کاڌن کي هٿي وٺرائڻ سان سياحت کي هٿي ملندي. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت هر فورم تي پاڪستاني کاڌن ۽ شيف ڪيمونٽي جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي، انهن جي حوصله افزائيءَ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. رانا مشهود احمد خان چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ ٻارن کي 60 سيڪڙو فني تعليم ڏني ويندي آهي ۽ـ فني تعليم ۾ پنهنجو مستقبل بڻائيندا آهن. هاڻ پنجاب ۾ به فني تعليم ڏني پئي وڃي. هن چيو ته گورنمينٽ جو ڪم نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي ۽ مون کي فخر آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ڏئي رهيو آهي، اسان يوٿ پورٽل لانچ ڪيو آهي جنهن تي 6 لک ٻار رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ـ هو يوٿ پورٽل مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انڊيا اسان کي ڪمزور سمجهي حملو ڪيو ته اسان جي بهادر فوج دشمن کي شڪست ڏني، جنگ کٽڻ تي اسان پنهنجي بهادر فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا.











