ٻوڏ ڪميٽي جي ميمبر سيد ناصر شاهه پاران سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو

سکر-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير پاران قائم ڪيل ٻوڏ ڪاميٽي جو ميمبر سيد ناصر شاهه، سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سکر پهتو آهي. سيد ناصر حسين شاهه پنهنجو دورو سکر بئراج کان شروع ڪيو آهي. ھو سنڌ جي اهم ضلعن جن ۾ خيرپور، نوشهره فيروز، نوابشاهه، مٽياري، حيدرآباد، ٺٽو ۽ سجاول شامل آھن اتي ويندو ـ صوبائي وزير ناصر شاھ موجب …

سکر-28 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير پاران قائم ڪيل ٻوڏ ڪاميٽي جو ميمبر سيد ناصر شاهه، سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سکر پهتو آهي. سيد ناصر حسين شاهه پنهنجو دورو سکر بئراج کان شروع ڪيو آهي. ھو سنڌ جي اهم ضلعن جن ۾ خيرپور، نوشهره فيروز، نوابشاهه، مٽياري، حيدرآباد، ٺٽو ۽ سجاول شامل آھن اتي ويندو ـ صوبائي وزير ناصر شاھ موجب دوري جو مقصد سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ درياهه جي بندن جو معائنو ڪرڻ آهي. ٻوڏ جي خبرداري ۽ حفاظتي انتظامن جو تفصيلي جائزو پڻ ورتو ويندو. هن دوري ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فوري قدمن لاءِ رپورٽ تيار ڪئي ويندي. ياد رھي ته ھڪ ڏينھن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه ۾ امڪاني ٻوڏ جي ڪري هڪ ٻوڏ ڪميٽيءَ جي نالن جو اعلان ڪيو ھو ـ جنھن جي سربراھي سنڌ جا وزير ڪندا.