حيدرآباد ۾ پوليس جي ڪارروائي، مبينه طور تي واردات جي ارادي سان بيٺل 4 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد-27 آگسٽ (اي پي پي)حيدرآباد ۾ قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس ٽيڪنيڪل ڪاليج ويجهو ڪارروائي ڪري مبينه طور تي واردات جي ارادي سان بيٺل چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق گرفتار ٿيلن ۾ وقاص لوڌي، علي شيخ، علي محمد کوسو ۽ الطاف مهر شامل آهن جن جي قبضي مان هڪ رپيٽر، 30 بور جا ٻه پستول، گوليون ۽ 14 موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس جو …

حيدرآباد-27 آگسٽ (اي پي پي)حيدرآباد ۾ قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس ٽيڪنيڪل ڪاليج ويجهو ڪارروائي ڪري مبينه طور تي واردات جي ارادي سان بيٺل چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق گرفتار ٿيلن ۾ وقاص لوڌي، علي شيخ، علي محمد کوسو ۽ الطاف مهر شامل آهن جن جي قبضي مان هڪ رپيٽر، 30 بور جا ٻه پستول، گوليون ۽ 14 موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جا ٻه ساٿي علي نواز ملاح ۽ صفيان لاشاري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.