چين جي جديد زرعي طريقن ۽ تجربن مان فائدو کڻڻ پاڪستان لاءِ ضروري آهي: رانا تنوير حسين

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ چين جي 20 رڪني وفد شرڪت ڪئي. وفد جي اڳواڻي يوان جيان من، عوامي حڪومت بابت صلاحڪار سنڪيانگ، چين ڪئي، جڏهن ته مس ماشياولي، سربراهه سنڪيانگ آئرن برادر انٽرنيشنل ڪمپني به وفد ۾ شامل هيون. اهو وفد 25 آگسٽ …

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ چين جي 20 رڪني وفد شرڪت ڪئي. وفد جي اڳواڻي يوان جيان من، عوامي حڪومت بابت صلاحڪار سنڪيانگ، چين ڪئي، جڏهن ته مس ماشياولي، سربراهه سنڪيانگ آئرن برادر انٽرنيشنل ڪمپني به وفد ۾ شامل هيون. اهو وفد 25 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين پاڪستان جي دؤري تي آهي ته جيئن زرعي شعبي ۾ سهڪار جا نوان امڪان تلاش ڪري سگهجن. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان چين سان زرعي سهڪار کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ اها ڀائيواري قومي غذائي تحفظ کي حاصل ڪرڻ لاءِ نهايت اهم حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته زرعي شعبو پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ چين جي معاونت ان شعبي کي جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ذريعي نين بلندين تائين پهچڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندو. چين جي جديد زرعي طريقن ۽ تجربن مان فائدو کڻڻ پاڪستان لاءِ ضروري آهي، خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ کي ماحويلاتي تبديلي، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ وڌندڙ آبادي جهڙا چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته پاڪستان کي چين جي معاونت صرف ٽيڪنالاجي ۽ ميڪانائزيشن ۾ ئي نه پر ٻجن جي تياري، بائيو ٽيڪنالاجي، فصلن جي جدت ۽ پاڻيءَ جي اثرائتي استعمال ۾ به گهربل آهي. هن چيو ته چين جي سهڪار سان اسان پنهنجن آبادگارن کي بااختيار بڻائي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي جي قابل بڻائي سگهون ٿا. رانا تنوير حسين وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان گڏيل منصوبن لاءِ مڪمل اداره جاتي معاونت فراهم ڪندو ۽ چين جي ڪمپنين ۽ ماهرن لاءِ شفاف، آسان ۽ دوستاڻو ماحول مهيا ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان چين سان گڏجي ماحولياتي تبديليءَ خلاف مزاحمت ڪندڙ فصلن جي تياري، سمارٽ آبپاشيءَ جي نظام کي هٿي وٺرائڻ ۽ زرعي صنعتن جي ترقيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ٻهراڙي جي معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ قومي روانگي واپار کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن ۽ زراعت جي شعبي ۾ هي سهڪار دوستي ۽ ترقيءَ جو هڪ مثال بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين نه صرف پنهنجي غذائي نظام کي محفوظ بڻائيندا پر خطي ۾ استحڪام ۽ خوشحاليءَ جا ضامن به هوندا. اجلاس ۾ وزارت جي سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، چيئرمين نيشنل سيڊ اٿارٽي، ٻين عملدارن ۽ تعليم جي ماهرن به شرڪت ڪئي.