گوگل پاڪستاني صارفين لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ اي آءِ موڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)گوگل پاڪستاني صارفين لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ اي آءِ موڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي سڀ کان طاقتور اي آءِ سرچ انجڻ مقامي صارفين کي به دستياب ٿي ويو آهي. اهو اي آءِ موڊ پيچيده سوالن جو تيز تر، وڌيڪ هوشيار ۽ جامع جواب فراهم ڪري ٿو. ڪالهه جاري پريس رليز موجب ان اي آءِ موڊ کي هن سال جي شروع ۾ ۽ سڀ …

اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)گوگل پاڪستاني صارفين لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ اي آءِ موڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي سڀ کان طاقتور اي آءِ سرچ انجڻ مقامي صارفين کي به دستياب ٿي ويو آهي. اهو اي آءِ موڊ پيچيده سوالن جو تيز تر، وڌيڪ هوشيار ۽ جامع جواب فراهم ڪري ٿو. ڪالهه جاري پريس رليز موجب ان اي آءِ موڊ کي هن سال جي شروع ۾ ۽ سڀ کان پهرين آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ سڄي دنيا ۾ ڦکڙجي رهيو آهي ۽ انهن ماڻهن ۾ مقبوليت ماڻي رهيو آهي جيڪي ان جي رفتار، معيار ۽ تازن ترين جوابن کي ساراهين ٿا. Gemini 2.5 جو ڪسٽم ورزن جو  اي آءِ موڊ ماڻهن کي ڊگهي ۽ وڌيڪ پيچيده سوال پُڇڻ جي سهولت ڏئي ٿو جيڪو ان کان اڳ ڪيترن ئي سرچز ذريعي ئي ممڪن هئا. شروعاتي طور ثابت ڪيو آهي ته ان موڊ ۾ ڪيل سوال روايتي سرچ جي ڀيٽ ۾ پهرين ئي 2 کان 3 ڀيرا وڌيڪ ڊگها آهن ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي خاص طور تي تحقيقي ڪمن جهڙوڪ پروڊڪٽس جي ڀيٽ ڪرڻ، سفر جي منصوبا بندي ڪرڻ يا پيچيده how-tos سمجهڻ لاءِ بيحد مددگار آهي، هي هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي سوالن جا تفصيلي جواب ڏئي ٿو ۽ وڌيڪ تحقيق لاءِ ڪارآمد لنڪس پڻ فراهم ڪري ٿو.