ڪراچي-26آگسٽ(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمي بئنڪ جي وفد سان ٻه الڳ الڳ تفصيلي ملاقاتون ڪيون. وفد جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار ڪئي. پهرين ملاقات ۾ اهم مالي سڌارن تي غور ڪيو ويو جن جو مقصد ٽيڪس ۾ واڌارو ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ هو جيڪو ڊگهي مدي واري معاشي ترقي لاءِ لازمي آهي. ٻي …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان عالمي بئنڪ جي وفد جي مُلاقات
ڪراچي-26آگسٽ(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمي بئنڪ جي وفد سان ٻه الڳ الڳ تفصيلي ملاقاتون ڪيون. وفد جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس بولورما آمگابازار ڪئي. پهرين ملاقات ۾ اهم مالي سڌارن تي غور ڪيو ويو جن جو مقصد ٽيڪس ۾ واڌارو ۽ خدمتن جي فراهمي لاءِ اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ هو جيڪو ڊگهي مدي واري معاشي ترقي لاءِ لازمي آهي. ٻي ملاقات ۾ عالمي بئنڪ جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ڳالهين دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته مالي معاهدي تحت ڪيل واعدن تي عملدرآمد لاءِ هڪ مؤثر نظام قائم ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي. پهرين ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انساني ترقي جي شعبي ۾ سست رفتاري کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ گڏيل ڪوششن سان حل ڳوليا ويندا. ملاقات ۾ جيڪي حڪمت عمليون غور هيٺ آيون تن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، صوبائي آمدني ۾ اضافي لاءِ زرعي آمدني ٽيڪس، خدمتن تي سيلز ٽيڪس ۽ جائداد ٽيڪس کي مضبوط ڪرڻ شامل هو.اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته معياري تعليم ۽ صحت تي خرچن کي خاص اهميت ڏني ويندي. ان سان گڏوگڏ پينشن سڌارا، جيڪي صوبائي حڪومت اڳ ئي متعارف ڪرايا آهن ۽ سرڪاري ادائگين جي عمل کي ڊجيٽل بڻائڻ تي به ڪم ڪيو ويندو. سنڌ جي شماريات واري کاتي ۾ سڌارن تي به اتفاق ڪيو ويو ته جيئن مالي ۽ خدمتن جي فراهمي جي نتيجن کي وڌيڪ مؤثر نموني پرکيو وڃي. ان سلسلي ۾ انتظامي ۽ سروي ڊيٽا جي انضمام ۽ ٽيڪس جي اڳڪٿي جا طريقا بهتر بڻائڻ تي به زور ڀريو ويو. وڏي وزير ٻڌايو ته هن سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلوٽو ڊولپمينٽ جو ڍانچو قائم ڪيو آهي جنهن جو مقصد صوبائي وسيلن ۾ واڌارو ڪرڻ، جامع پينشن سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ اسڪولن لاءِ وقت سر بجيٽ رکڻ آهي. هي قدم هڪ اهڙو مضبوط انگن اکرن جو نظام جوڙڻ جي ڪوشش آهي جيڪو شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن قدمن تحت زرعي آمدني ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ سڌارو ۽ سنڌ سيلز ٽيڪس جي سال بہ سال وڌندڙ وصولي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ سرڪاري وينڊرن کي ادائيگيون مرحليوار ڊجيٽل نظام وسيلي ڪيون وينديون ته جيئن مالي نظام وڌيڪ مؤثر بڻجي سگهي، وڏي وزير چيو سنڌ حڪومت خدمتن جي فراهمي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ شفافيت ۽ جوابدهي جي ماحول کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ انهن اهم سڌارن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. ملاقات ۾ شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذره فضل پيجوهو، ناصر شاهه، سردار شاهه، ڄام خان شورو، محمد علي ملڪاڻي، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي ۽ ٻيا شامل هئا. عالمي بئنڪ جي وفد ۾ آپريشنز مينيجر ڊراوگيلس، آپريشنز آفيسر حنا سليم، ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ ڪامران اڪبر ۽ ٻيا به شامل هئا۔











