لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، بلاول ڀٽو زرداري جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ايم پي اي جميل سومرو مقتُول جي گھر پهتو

لاڙڪاڻو-26 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ نوجوان قتل ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالھه لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ مبينا طور ڦر دوران مزاحمت تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي جو رهواسي 18 ورهين جو پورهيت نوجوان احمد علي پٽ عاشق علي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع …

لاڙڪاڻو-26 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ نوجوان قتل ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالھه لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ مبينا طور ڦر دوران مزاحمت تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي جو رهواسي 18 ورهين جو پورهيت نوجوان احمد علي پٽ عاشق علي ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ٽائرن جو دڪان هلائيندو آهي، جيڪو بئنڪ اسڪوائر جي هڪ بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي واپس گهر اچي رهيو هيو ته رستي ۾ ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ هٿياربندن سندس کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي مقتول نوجوان جي وارثن پاران سندس لاش شهر جي ايس ايس پي چوڪ وٽ رکي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪجھه وقت لاءِ ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته پوليس جي خاتري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو پراڻي بس اسٽينڊ شاھه آباد محله ۾  مقتُول نوجوان جي گھر پھچي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي. انشاالله جلد سندس قاتل قانون جي پڪڙ ۾ هوندا. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو جا عھديدار بہ ساڻس گڏ هئا.