موسمياتي تبديلي سانن جانور ۽ پکي به متاثر ٿيڻ لڳا، ڪيترائي نسل زوال پذير، ماهرن پاران هر سال پنج لک ڳئون ۽ ڏهه لک سيمن ڊوزز امپورٽ ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر

حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ويٽرنري ۽ زرعي ماهرن خدشو ظاھر ڪيو آهي ته موسمي تبديليون نه رڳو فصلن کي پر جانورن ۽ پکين کي به سخت متاثر ڪري رهيون آهن، پکين جا ڪيترائي نسل زوال پذير آھن، خوراڪ جي تحفظ لاءِ اسان اڄ به ٻين ملڪن تي ڀاڙيون پيا، جڏهن ته مقامي موروثي نسلن هجڻ باوجود هر سال پنج لک ڳئون ۽ ڏهه لک سيمن ڊوزز امپورٽ ڪرڻ ڳڻتي …

حيدرآباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ويٽرنري ۽ زرعي ماهرن خدشو ظاھر ڪيو آهي ته موسمي تبديليون نه رڳو فصلن کي پر جانورن ۽ پکين کي به سخت متاثر ڪري رهيون آهن، پکين جا ڪيترائي نسل زوال پذير آھن، خوراڪ جي تحفظ لاءِ اسان اڄ به ٻين ملڪن تي ڀاڙيون پيا، جڏهن ته مقامي موروثي نسلن هجڻ باوجود هر سال پنج لک ڳئون ۽ ڏهه لک سيمن ڊوزز امپورٽ ڪرڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، اهي ڳالهيون ماھرن ڪالھه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف اينيميل هسبينڊري اينڊ ويٽرنري سائنسز جي ويٽرنري بزنس اينڊ انٽر پرينيوئرشپ سوسائٽي پاران گرين ويٽرنري ڊرائيو 2025ع تحت "موسمي تبديليون ۽ ان جا جانورن جي صحت تي اثر” جي عنوان سان ٿيل سيمينار جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيون. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته موسمي تبديليون هاڻي رڳو ماحولياتي مسئلو نه رهيون آھن، پر اهي سڌي طرح جانورن، هارين ۽ معيشيت لاءِ خطرو بڻجي چڪيون آھن، جڏھن تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي، جتي 2010 ۽ 2022 جي تباهه ڪن ٻوڏ لکين گهرن ۽ فصلن سان گڏوگڏ لکين جانورن کي به نقصان ڏنو، جنهن سبب ڳوٺاڻي معيشت کي ناقابلِ تلافي نقصان پهتو، هن چيو ته گرمي پد، پاڻي ۽ چاري جي کوٽ، بيمارين جو ڦهلاءُ ۽ بار بار ايندڙ ٻوڏون سڌيءَ طرح جانورن جي صحت ۽ پيداوار کي متاثر ڪن ٿيون، اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته لائيو اسٽاڪ شعبو زراعت ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڏئي ٿو ۽ کير، گوشت ۽ ٻين شين جي ذريعي قومي جي ڊي پي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. موسمياتي تبديلي ڀاڳين ۽ مالوندن کي مال پالڻ ۾ وڏيون ڏکيائون پيدا ڪيون آهن، هن چيو ته ”اھڙين تبديلين سان ٺھڪندڙ گھرجن موجب اسان کي ڊائنامڪ ٿيڻو پوندو، جڏھن ته ھن قسم جا ورڪشاپ، لائيو اسٽاڪ انڊسٽري کي مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا، ڊين فئڪلٽي ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي چيو ته لائيو اسٽاڪ ڳوٺاڻي وچولي طبقي جي آمدني جو وڏو ذريعو آهي، جنهن ۾ عورتن جو ڪردار بنيادي آهي۔ هن چيو ته موسمياتي تبديليون انسان ۽ جانورن ٻنهي کي متاثر ڪري رهيون آهن، مُک مقرر ۽ ويٽرنري ماهر پروفيسر ڊاڪٽر ظهير احمد نظاماڻي چيو ته پاڪستان جو چوپائي مال وارو شعبو، زرعي شعبي ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ قومي جي ڊي پي ۾ لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو حصو شامل ڪري ٿو، موسمي تبديلين سبب اھو ھن وقت شديد خطري ھيٺ آهي، صرف 2022  جي ٻوڏ دوران ڏهه لک کان وڌيڪ جانور مري ويا، هن چيو ته ملڪ ۾ چوپايو مال ۽ پولٽري پالڻ جو نظام تيزي سان ننڍن هارين کان ڪمرشل ميگا فارمن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، جنھن سان شھرن جي گھرج پوري ٿي رھي آھي، پر ساڳئي وقت اهو عمل ڳاڙھي سنڌي، ساهيوال ۽ ٿرپارڪر جهڙين مقامي ڳئن جي نسل کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي غيرملڪي هولسٽين فريزين سان تبديل ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي جانورن جي خوراڪ ۾ 37 سيڪڙو پروٽين جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ويتر گرمي سبب کير جي پيداوار ۾ 10 کان 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، تقريب کي پروفيسر ڊاڪٽر احمد نواز تنيو ۽ ٻين پُڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته آخر ۾ شاگردن ۽ مهمانن ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.